لاهور (سجاد انور) سنڌ اسيمبلي جو تازو اجلاس رڳو هڪ پارلياماني نشست نه هئي، پر هڪ اهڙو سياسي آتش فشان هو، جنهن جي لاوي اسلام آباد جي ايوانن تائين تپش پهچائي ڇڏي آهي. اسيمبلي ۾ ٿيندڙ جذباتي تقريرون ۽ قيادت جو سخت لب و لهجو هڪ وڏي آئيني بحران جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. آخر اوچتو سنڌ جي ورهاڱي جي بحث ايتري شدت ڇو اختيار ڪري ورتي آهي؟ ڇا هي رڳو سياسي بيان بازي آهي يا مقتدر حلقن پاران ڪنهن ‘وڏي ايڪشن’ جي دستڪ؟ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گهرو وزير جي بيانن وفاق کي واضح پيغام ڏنو آهي ته زبردستي جا فيصلا صوبي ۾ بلوچستان جهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا. اڄڪلهه اعليٰ عملدارن جي راهدارين ۾ اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته ڇا وفاق ۽ صوبي وچ ۾ هي ڇڪتاڻ ڪنهن نئين عمراني معاهدي ڏانهن وڌي رهي آهي يا هي ڪنهن وڏي ٽڪراءَ جو پيش خيمو آهي؟ سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ احتجاج رڳو هڪ سياسي جماعت جو شو نه هو، پر هي ان سنڌ جي نبض جو اظهار هو، جنهن کي اسلام آباد ۾ ويٺل جي ٽي روڊ ميڊيا ۽ اربن سينٽر ميڊيا سمجهڻ ۾ بُري طرح ناڪام رهيو آهي. وفاق ۾ ويٺل دانشور سنڌ جي اصل سماجي ۽ سياسي ڍانچي کان اڻواقف آهن. هي احتجاج دراصل سنڌ جي ڇهن ڪروڙ عوام جي ان خوف ۽ ڪاوڙ جي عڪاسي آهي، جيڪا هو پنهنجي وحدت خلاف محسوس ڪري رهيا آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت انهن ئي عوامي جذبن کي زبان ڏني آهي. جتي سنڌ ۾ ڏهاڪن جو سڀ کان وڏو سياسي هيجان برپا آهي، اتي مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي قيادت تي ڇانيل خوفناڪ خاموشي معنيٰ خيز آهي. هن پراسرار سناٽي جو بنيادي سبب اهو آهي ته ڪا به جماعت هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي نون صوبن واري ايجنڊا تي کلي سامهون اچي مقتدر حلقن کي ناراض ڪرڻ نٿي چاهي. سڀ کان دلچسپ پهلو ايم ڪيو ايم جو بدلجندڙ موقف آهي؛ اها جماعت جيڪا صوبو ٺاهيو جي علمبردار هئي، هاڻي ان جو قائدِ حزبِ اختلاف به اهو چوڻ تي مجبور آهي ته هو سنڌ جي وحدت خلاف ناهن. هي خاموشي دراصل ان سياسي گهٽ ٻوسٽ جي عڪاسي آهي، جتي جماعتون پنهنجي سياسي معدي ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي ممڪن ڳٺ جوڙ کي هضم نٿيون ڪري سگهن. ن ليگ کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڊيل ڪري نوان صوبا ٺاهيا، ته پنجاب ۾ ن ليگ جي بساط ئي ويڙهجي ويندي. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان مقتدر حلقن جي هڪ ‘ماسٽر پلان’ جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن تحت انتظامي يونٽن جي جوڙجڪ، اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ۽ 18هين ترميم کي غير مؤثر بڻائڻ مقصود آهي. هن منصوبي تحت مين اسٽريم ميڊيا ذريعي ريفرنڊم جون خبرون به پلان ڪرايون ويون ته جيئن عوامي راءِ عامه کي هموار ڪري سگهجي. تنهن هوندي به، پيپلز پارٽي جي تازي سخت موقف هن سڄي پلان کي في الحال لتاڙي ڇڏيو آهي. مقتدر حلقن جو خيال هو ته شايد ميمبرن کي هراسان ڪري يا ڪجهه ووٽ ٽوڙي ڪم ڪڍي ورتو ويندو، پر آئيني تبديلي لاءِ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت انفرادي هراسان ڪرڻ سان نه، پر سياسي اتفاقِ راءِ سان ايندي آهي، جنهن کي سنڌ جي مزاحمت ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو معاملو انتهائي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. خبرون گرم آهن ته کيس منڊي بهاوالدين مان ضمني اليڪشن وڙهائي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ جي تياري آهي، ته جيئن ڪنهن ممڪن ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ يا آئيني تبديلي جي صورت ۾ کيس اهم عهدو ڏئي سگهجي. چوڌري شجاعت جو ناٺي هجڻ جي ناتي کيس حمايت ملي سگهي آهي. مقتدر حلقن جي هن فيلڊ مارشل وژن ۾، جتي هڪ اعليٰ شخصيت صدر ۽ محسن نقوي سندس ڊپٽي يا وزيراعظم هوندا، اتي مسلم ليگ (ن) جي حيثيت ثانوي ٿي رهجي ويندي. مقتدر حلقن پاران هڪ اهڙي سخت گير بلدياتي نظام جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو صوبائي خودمختياري جا پر ڪتري سگهي. هن منصوبي جو مقصد فنڊ سڌو سنئون وفاق کان بلديات تائين پهچائڻ آهي، جنهن سان صوبائي وڏي وزير جي حيثيت هڪ پوسٽ مين کان به گهٽ ٿي رهجي ويندي. هي دراصل گملن ۾ نوان ٻوٽا (مصنوعي قيادت) پوکڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي. تاريخ شاهد آهي ته ايوب خان جو بي ڊي سسٽم هجي يا مشرف جو ناظمن وارو نظام، جڏهن به صوبن کي آن بورڊ وٺڻ کانسواءِ اهڙا مصنوعي ڍانچا مڙهيا ويا، اهي ناڪام ٿيا. جيستائين وفاق سمورن صوبن سان گڏجي هڪ متفقه ٽيمپليٽ نٿو ٺاهي، تيستائين اهڙا زبردستي جا قدم استحڪام بدران انتشار آڻيندا. سنڌ اسيمبلي جي قرارداد ۽ قيادت جو سخت بيانيه ان حقيقت جو ثبوت آهي ته صوبو پنهنجي وحدت ۽ 18هين ترميم تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. وفاق پاران ريفرنڊم يا انتظامي مداخلت جا شوشا سياسي بحران کي وڌيڪ سنگين ڪري سگهن ٿا. هاڻي وقت آهي ته مقتدر حلقا نوشتۂ ديوار پڙهي وٺن ته مصنوعي قيادت ۽ زبردستي جا آئيني تجربا هاڻي وڌيڪ ڪارگر نه ٿيندا.