ڪمون شهيد(ن ع آ) ڪمون شهيد ويجهو ريڻي ڪئنال پل وٽان عورت جو لاش هٿ جنهن کي مٿي ۾ ڌڪ جا نشان هئا هٿ پير ٻڌل هئا ننهن تي پالش لڳل ۽ سڄي پير ڪارو ڌاڳو ٻڌل هو جنهن جو لاش ڳوٺاڻن ڏسي چوڪي ڪمون شهيد پوليس کي اطلاع ڪيو، ڪمون شهيد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ٻاهر ڪڍرايو جنهن کي ڪمون شهيد پوليس ايمبو لنس ذريعي پوسٽ ماٽم لاء تعلقا اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، پوسٽ مارٽم کان پوء ليڊي ڊاڪٽر سميرا رابطو ڪرڻ تي چيو ته لاوارث عورت کي زيادتي جو نشانو بڻائي ان کي مٿي ۾ ڌڪ هڻي ماريو ويو آهي جنهن کان پوء پاڻي ۾ اڇلايو ويو آهي جنهن جو موت پاڻي ۾ نه ٻاهر ٿيو آهي جنهن جي عمر تقريبن 25 کان 30 سال آهي لاش تقريبن 24ڪلاڪ پراڻو آهي، ڪارروائي مڪمل ٿي وئي آهي بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي نو جوان عورت جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ميوسيپل انتظاميا پاران لاوارث عورت جي ڪفن جو بندوبست ڪيو ويو جنهن کي غسل ڏئي دفن ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاع تائين نو جوان عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعي تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.