نون صوبن جي سازش کي جڙ کان اکاڙڻ لاءِ سنڌ حڪومت هاڻي مڪاني نظام تي ڪم ڪري

سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪمران جماعت پ پ پاران سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف قرارداد منظور ڪرڻ هڪ بهترين، وقتائتو ۽ اصولي قدم آهي. سنڌ جي وحدت، تاريخي حيثيت، ثقافتي سڃاڻپ ۽ جاگرافيائي سالميت بابت سنڌ جي عوام ۾ جيڪي خدشا موجود آهن، انهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. اسيمبليءَ جي ايوان ۾ سنڌ جي ورهاڱي خلاف قرارداد ذريعي اهو واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته سنڌ جي انتظامي ۽ سياسي وحدت بابت ڪو به فيصلو سنڌ جي عوام جي مرضي ۽ اعتماد کانسواءِ قبول نه ڪيو ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو قرارداد پاس ڪرڻ سان نون صوبن جي آواز کي هميشه لاءِ خاموش ڪري سگهجي ٿو؟ يقيناً نه. قرارداد هڪ سياسي ۽ آئيني موقف جو اظهار ضرور آهي، پر جيڪڏهن انهن بنيادي مسئلن کي حل نه ڪيو ويو، جن جي ڪري سنڌ دشمن ۾ نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي گهرج لاءِ گنجائش پيدا ٿئي ٿي، ته رڳو قراردادون ڪافي ثابت نه ٿينديون.

حقيقت اها آهي ته ڪنهن به صوبي جي وحدت کي صرف ٻاهران خطرو ناهي پر اندروني ڪمزور حڪمراني، انتظامي ناڪامي، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ انصاف توڙي سهولتون  نه ملڻ ڪري به  هوندو آهي. جيڪڏهن عوام کي پنهنجن بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سالن جا سال در در جا چڪر ڪاٽڻا پون، مڪاني ادارا بااختيار نه هجن، جيڪڏهن شهرن ۽ ڳوٺن جا مسئلا حل نه ٿين، جيڪڏهن ترقياتي وسيلا ضرورت مطابق ورهائجي نه سگهن ۽ حڪمراني جو سمورو اختيار مٿين سطح تي مرڪوز رهي، ته پوءِ انتظامي تبديليءَ جا نعرا آسانيءَ سان عوامي بحث جو حصو بڻجي سگهن ٿا.

ان ڪري سنڌ حڪومت لاءِ هاڻي اصل امتحان شروع ٿيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ قرارداد پاس ڪري پنهنجي سياسي ذميواري جو هڪ اهم حصو ادا ڪيو آهي، پر ان قرارداد کي عملي قوت ڏيڻ لاءِ حڪومت کي سنڌ جي حڪمرانيءَ جي نظام ۾ بنيادي سڌارا آڻڻا پوندا.

نون صوبن جو مطالبو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي عوام جي اڪثريت جو نمائندو موقف نه ٿو چئي سگهجي، پر ان مطالبي کي مڪمل طور رد ڪرڻ لاءِ صرف جذباتي نعرا ڪافي ناهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ کي اهڙي بهتر حڪمراني ڏني وڃي، جنهن سان عوام کي محسوس ٿئي ته سندن مسئلن جو حل نئين صوبي ۾ نه، پر موجوده نظام جي سڌاري ۾ آهي. سنڌ حڪومت کي سڀ کان پهرين بيڊ گورننس جي خاتمي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائڻ گهرجي. سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ، ڪرپشن کي روڪڻ، ميرٽ کي يقيني بڻائڻ، انتظامي معاملن ۾ سياسي مداخلت گهٽائڻ ۽ عوام کي بروقت سرڪاري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واضح ۽ ماپجڻ جوڳا هدف مقرر ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن هڪ عام شهري کي اسپتال، اسڪول، روڊ، پاڻي، صفائي، نيڪال، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ هر معاملي ۾ صوبائي دارالحڪومت ڏانهن نهارڻو پوي، ته ان سان حڪمرانيءَ تي اعتماد ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جديد رياست جو بنيادي اصول ئي اهو آهي ته اختيار ۽ ذميواري عوام جي ويجهو هجن.

ان حوالي سان مڪاني حڪومتن جو نظام سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي واقعي خودمختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مڪاني حڪومتن کي رڳو چونڊون ڪرائي نمائشي ادارا بڻائڻ بدران کين واضح قانوني، انتظامي ۽ مالي اختيار ڏيڻ گهرجن. ميئر، چيئرمين ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن کي پنهنجن علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ عملي اختيار، وسيلا ۽ ذميواري ڏني وڃي. دنيا جي ڪامياب مڪاني حڪمرانيءَ جو بنيادي اصول اهو ئي آهي ته جيڪو مسئلو مقامي سطح تي حل ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ صوبائي سطح تي فيصلي جي ضرورت نه هجي. جيڪڏهن ڪنهن شهر جي روڊ جي مرمت، صفائي، نيڪال، پارڪن جي سار سنڀال، مقامي ٽرانسپورٽ يا ٻين شهري سهولتن بابت فيصلو به صوبائي اختيارين جي منظوريءَ سان مشروط هجي، ته پوءِ مڪاني حڪومت جي وجود جو مقصد ئي محدود ٿي وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ حڪومت کي اختيارن سان گڏ مالي وسيلا به هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ گهرجن. صرف اختيار ڏيڻ ۽ پئسا نه ڏيڻ سان مڪاني ادارا خودمختيار نٿا بڻجي سگهن. صوبائي بجيٽ ۾ مڪاني حڪومتن لاءِ واضح ۽ منصفاڻي حصو مقرر ڪيو وڃي ۽ اهو حصو وقت سر انهن ادارن کي منتقل ٿيڻ گهرجي. ساڳي وقت مڪاني ادارن جي مالي استعمال ۾ شفافيت ۽ احتساب جو مضبوط نظام پڻ قائم ڪيو وڃي.

اهڙي نظام سان هڪ ئي وقت ٻه وڏا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا. پهريون، عوام جا روزمره مسئلا سندن ئي علائقن ۾ حل ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ ٻيو، حڪمرانيءَ بابت شڪايتن جو وڏو حصو گهٽجي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ صوبائي حڪومت تي به انتظامي بار گهٽ ٿيندو ۽ حڪومت پاليسي سازي، وڏي پيماني جي ترقياتي منصوبن ۽ صوبائي سطح جي اهم معاملن تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندي. سنڌ حڪومت کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي وحدت جو دفاع صرف تاريخ، ثقافت ۽ جذبات جي بنياد تي نه، پر سٺي حڪمرانيءَ جي بنياد تي به ڪرڻو پوندو. سنڌ جي وحدت سنڌ جي عوام لاءِ هڪ جذباتي ۽ تاريخي حقيقت آهي، پر ان وحدت کي مضبوط رکڻ لاءِ حڪمرانيءَ کي عوام دوست بڻائڻ لازمي آهي.

سو سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ کي ورهائڻ ۾ نه، پر سنڌ کي بهتر نموني هلائڻ ۾ آهي. انتظامي سهولتن لاءِ جيڪڏهن ڪٿي مسئلا موجود آهن ته انهن جو حل وڌيڪ بااختيار مڪاني ادارا، بهتر ضلعي انتظاميا، شفاف مالي نظام ۽ عوام جي ويجهو حڪمراني آهي. ڪنهن به انتظامي مسئلي جو علاج لازمي طور نئون صوبو نه هوندو آهي. وقت اچي ويو آهي ته سنڌ حڪومت قرارداد کان اڳتي وڌي عملي سڌارن ڏانهن وڃي. بيڊ گورننس جو خاتمو، ڪرپشن تي ضابطو، ميرٽ جي بالادستي، مڪاني ادارن جي خودمختياري، اختيارن ۽ مالي وسيلن جي هيٺين سطح تائين منتقلي ۽ مضبوط احتساب ئي اهي قدم آهن، جيڪي سنڌ جي وحدت کي عملي بنيادن تي مضبوط ڪري سگهن ٿا.

You might also like