ميثاق سنڌ جي ضرورت

غلام حسين لغاري

پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمن ۽ صدرِ مملڪت جناب آصف علي زرداري جو اوچتو لنڊن پهچڻ، جتي ساڻس وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاءِ اڳيان اڳيان اچڻ وارن وفاقي وزير سيد محسن نقوي جو به لنڊن پهچڻ ۽ صدر سان ملڻ، ميڊيا جي بقول صدر کي طاقتور ڌرين جو نياپو پهچائڻ ۽ عين ان وقت سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي بابت ان مسئلي تي ٽن ڏينهن تائين هلندڙ بحث کانپوءِ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ٽيون ڀيرو ٻيهر ٺهراءُ پيش ٿيڻ، ڀليءَ ريت اشارو ڪن ٿا ته يا ته ڪو نئون لنڊن پلان ٺهڻ وارو آهي يا وري ڪجهه ٻيو ٿيڻ وارو آهي۔

سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن سنڌ جي وحدت خلاف بحث ٿيو ۽ نون صوبن خاص ڪري سنڌ ۾ نون صوبن جي امڪاني قيام بابت ٺهراءُ پاس ٿيڻ وڃي رهيو هو، ته اجلاس مان متحده، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري نڪتيون، جڏهن ته ڇڙيل بحث دوران هنن سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت به ڪئي هئي۔ هنن ٽنهي پارٽين جي اهڙي رويي هنن پارٽين جي اندر کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ته اهي پارٽيون سنڌ کي متحد ڏسڻ نٿيون چاهن ۽ هنن جا ارادا ڪجهه ٻيا آهن۔ پيپلز پارٽي اسيمبلي ۾ بحث ڪرائي ۽ ٺهراءُ پاس ڪرائي پنهنجي جاءِ تي هڪ سٺو قدم کنيو آهي جيڪو واکاڻ جوڳو آهي۔ پيپلز پارٽي پاران هن ٺهراءُ تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو يا ان جا نتيجا ڪجهه ٻيا نڪرندا، جنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سميت پيپلز پارٽي کي به ڀوڳڻو پئجي سگهي ٿو۔

 بهرحال، پيپلز پارٽي هن ٺهراءُ کي منظور ڪرائي في الحال سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي۔ اسيمبلي اجلاس کانپوءِ متحده جي ماڻهن ٻاهر نڪري جيڪا نعريبازي ڪئي ۽ سنڌ دشمن اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا، تن کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ جا ماڻهو محب وطن آهن، اهي وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي حق ۾ ناهن۔ هي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ صوبي جي بقا چاهن ٿا. متضاد نعرن وسيلي سنڌ کي خونريزي طرف ڌڪڻ واريون هنن جون ڪوششون ناڪام وينديون، جو خود باشعور مهاجر کين پرکي چڪا آهن۔

پيپلز پارٽي جو سربراهه ۽ صدرِ مملڪت جناب آصف علي زرداري، جنهن کي سياست جو بادشاهه سمجهيو ۽ سڏيو وڃي ٿو، جڏهن کان اهي خبرون عام ٿيون آهن ته طاقتور ڌريون کيس ايوانِ صدر ۾ هاڻي وڌيڪ ڏسڻ پسند نٿيون ڪن ۽ پنهنجو صدر ۽ وزيراعظم آڻڻ چاهين ٿيون، تڏهن کان هو پنهنجا وٿاڻ ۽ ٺڪاڻا تيزيءَ سان تبديل ڪندو رهيو آهي؛ ڪڏهن لاهور ته ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن نوابشاهه ۽ دبئي، ۽ هاڻي وڃي لنڊن پهتو آهي۔ اتي هو ڪيترو ٿو رهي يا اچي ايوانِ صدر سنڀاليندو؟ اهي به خبرون آهن ته پيپلز پارٽي تي هن وقت سخت دٻاءُ آهي ته 28هين ۽ 29هين ترميمون پاس ڪرائڻ ۽ نون صوبن جي قيام لاءِ زور وڌو پيو وڃي۔ وفاقي وزير سيد محسن نقوي، جنهن لنڊن پهچي کيس ڪو اهم نياپو پهچايو آهي، ان کي صدر آصف علي زرداري لاءِ آخري چانس طور سمجهيو پيو وڃي۔ چيو وڃي ٿو ته آصف علي زرداري في الحال ته هوڏ تي قائم آهي ۽ سنڌ اسيمبلي مان نون صوبن جي مخالفت ۾ بل پاس ڪرائي هن به هڪ قسم جو طاقتورن کي پهتل نياپي جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پاس ڪرايل بل طاقتورن لاءِ هڪ کليل چئلنج آهي۔

لنڊن ۽ دبئي اهي هنڌ آهن، جتان سدائين سياسي پلان ٺهندا ۽ حڪومتون ڊهنديون آهن۔ هن ڀيري به لنڊن کي منتخب ڪيو ويو آهي۔ پهريون ڀيرو آهي جو اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل، سو به صدرِ مملڪت، لنڊن ۾ نون سياسي فيصلن لاءِ پهتو آهي۔ هو اتي ويهي ڪهڙا فيصلا ڪرائڻ چاهي ٿو، ايندڙ ڏينهن ٻن ۾ پتو پئجي ويندو۔

 ماضي ۾ وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ڊاهڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ لنڊن ۾ ويهي ميثاقِ جمهوريت تي صحيحون ڪيون هيون ۽ حڪومتون ماڻيون هيائون۔ هن وقت به ساڳي فارمولا تحت حڪومت ۾ آهن، پر هن ڀيري امڪاني فيصلن سان ميثاقِ جمهوريت جي پڄاڻي ٿي سگهي ٿي، جنهن سان طاقتور، صنعتڪار، رٽائرڊ ڪامورا ۽ ٽيڪنوڪريٽس اقتدار سنڀاليندا۔ سياسي ۽ ميڊيا ذريعا جيڪا رپورٽنگ ڪري رهيا آهن ۽ جهڙا امڪان نظر اچي رهيا آهن، ته لنڊن ۾ ملڪ جي مستقبل ۽ نون صوبن جي قيام بابت ون ٽو ون فيصلا ٿيندا، جنهن لاءِ نه صرف پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جا وڏا گڏجي ويهندا، پر طاقتورن جا بااختيار نمائندا به شايد ڳالهين ۾ شريڪ ٿي پنهنجيون ترجيحات رکندا۔ جيڪڏهن ڪو حتمي فيصلو ٿي نه سگهيو، پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو ۽ مستحڪم قوتون ايوانِ صدر سنڀالينديون.

پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن لاءِ کڻي ڪيترا به ٺهراءُ پاس ڪرائي، پر پاڻ تي لڳل اهي داغ ڌوئي نٿي سگهي، جيڪي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي گڏيل حڪمتِ عملي سان سنڌ جي زخمن جي صورت ۾ پهتا آهن، اهڙا سور شايد ئي ڪنهن دور ۾ مليا هجن۔ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌ کي هر لحاظ کان ڪمزور ڪيو ويو آهي، ان جا وسيلا وفاق حوالي ڪيا ويا آهن، ميرٽ جو صفايو ٿي چڪو آهي، سرڪاري نوڪريون وڪامجن ٿيون، بک ۽ بيروزگاري وباءَ بڻجي چڪي آهي۔ ٻيلا ۽ وڻ وڍجي ناس ٿي چڪا آهن، سامونڊي ڪنارا، بندر، تيل، گئس ۽ بجلي به وفاق جو حصو آهن، ته باقي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڇا بچيو آهي؟ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو به حق ناهي رهيو، سو سواءِ ڏنڊن کائڻ جي! سنڌ جو ماڻهو ميثاقِ لنڊن جو نه، پر ميثاقِ سنڌ جي ضرورت محسوس ڪري ٿو، جنهن لاءِ پيپلز پارٽي کي جي ڊي اي ۽ قومپرست ڌرين سان گڏجي سنڌ جي سطح تي ميثاقِ سنڌ لاءِ صحيحون ڪرڻ گهرجن۔

You might also like