پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جو معاهدو

ايوب ملڪ

وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي سنگم تي واقع سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيءَ گڏيل طور هڪ اهڙي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت ٽئي ملڪ ان ڳالهه جا پابند هوندا ته جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ تي به حملو ٿئي ته ان کي ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو. اها شق نيٽو جي آرٽيڪل 6 سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿي. اهو معاهدو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن هي خطو هڪ اهڙي نه ختم ٿيندڙ جنگ جي لپيٽ ۾ آهي، جيڪا نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا تي پري رس اثر وجهي رهي آهي. ماهر هن معاهدي کي علائقائي سلامتي جي هڪ اڀرندڙ ڍانچي طور قرار ڏئي رهيا آهن، جنهن جو مقصد آمريڪا تي دفاعي انحصار گهٽائڻ، اسرائيل جي توسيع پسند پاليسي جي مقابلي ۾ هڪ توازن قائم ڪرڻ ۽ سڄي خطي ۾ نئون علائقائي سلامتي نظام جوڙڻ آهي. هن معاهدي جو هڪ ٻيو اهم سبب وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن جي موجودگي آهي، جنهن خطي کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران وڌيڪ خطرن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ان سان گڏ صدر ٽرمپ جو سعودي عرب بابت رويو به هن معاهدي جو سبب بڻيو آهي.

آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ سول ايٽمي پروگرام بابت معاهدو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽرمپ ٻه نيون شرطون رکيون آهن، جن موجب سعودي عرب نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ يورينيم جي افزودگي ڪري سگهندو، پر کيس ابراهم معاهدن ۾ به شامل ٿيڻو پوندو.

جيتوڻيڪ سعودي عرب هميشه اهو واضح ڪندو رهيو آهي ته هو ان وقت تائين اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي نٿو آڻي سگهي، جيستائين اسرائيل فلسطيني رياست جي قيام لاءِ واضح ۽ ناقابل واپسي قدمن جو اعلان نٿو ڪري. ياد رهي ته سعودي عرب ۽ ترڪي ٻه اهڙا ملڪ آهن، جيڪي گذريل هڪ ڏهاڪي دوران هڪ ٻئي جا کليل مخالف رهيا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ استنبول ۾ جمال خاشقجي جي قتل جهڙن معاملن تي ٻنهي وچ ۾ شديد اختلاف رهيا آهن. ان سان گڏ 2019ع ۾ جڏهن ترڪي، ملائيشيا، ايران ۽ قطر تي ٻڌل ڪوالالمپور سربراهه اجلاس ٿيو ته پاڪستان ان ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. ان تي صدر اردوان برادر ملڪ پاڪستان تي الزام هنيو هو ته مٿس اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، جڏهن ته پاڪستان جو موقف هو ته هو مسلم دنيا ۾ ڪنهن نئين ورهاست جو حصو بڻجڻ نٿو چاهي. پر اڄ اهو منظرنامو مڪمل طور تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي ٽئي ملڪ مڪي مڪرمہ ۾ گڏ ويهي دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري چڪا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايران تي آمريڪي حملن کان پوءِ هن خطي ۾ ڪيتري تيزي سان تبديليون اچي رهيون آهن.

هن معاهدي جو اهو مطلب به ناهي ته سعودي عرب آمريڪا کي ڇڏي رهيو آهي، پر حقيقت ۾ هو پنهنجي دفاعي ڀائيوارن ۽ پنهنجي دفاعي صنعت جي مارڪيٽن کي وسيع ڪري رهيو آهي. هن معاهدي مان ترڪيءَ جي نيٽو کان ڌار ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ترڪيءَ تازن سالن ۾ اهڙي مربوط پرڏيهي پاليسي اختيار ڪئي آهي، جنهن سبب هو هڪ ئي وقت مغربي اتحادي ملڪن ۽ علائقائي طاقتن سان اتحاد قائم ڪري سگهي ٿو.

پاڪستان لاءِ هن معاهدي جا اثر شايد سڀ کان وڌيڪ اهم ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا دفاعي لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي پکڙيل آهن، جڏهن ته ترڪيءَ سان لاڳاپا تازن سالن ۾ ئي نمايان طور مضبوط ٿيا آهن. هن معاهدي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي سعودي سيڙپڪاري تائين وڌيڪ رسائي حاصل ٿيندي، ترڪيءَ سان دفاعي صنعت ۾ گهرو سهڪار وڌندو ۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان خليجي ملڪن جي سلامتي بابت وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهندو. هي معاهدو آمريڪي سلامتي جو متبادل ناهي، پر ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته علائقائي ملڪ پنهنجي سلامتي لاءِ وڌيڪ متبادل رستا ڳولي رهيا آهن. پر هاڻي ماهر اهو سوال ڪري رهيا آهن ته ڇا هي معاهدو ٽنهي ملڪن تائين محدود رهندو ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ ٻين مسلم اڪثريتي ملڪن به هن معاهدي ۾ شامل ٿيڻ چاهيو ته ان معاهدي جي جوڙجڪ ڪهڙي صورت اختيار ڪندي؟ ماهرن جو اتفاق آهي ته هي معاهدو ’اسلامي نيٽو‘ ته نٿو بڻجي سگهي، پر اهو هڪ اهڙو عملي دفاعي معاهدو ۽ نيٽ ورڪ ضرور بڻجي سگهي ٿو، جيڪو دفاعي ٽيڪنالاجي، انٽيليجنس جي ڏي وٺ، گڏيل فوجي مشقن ۽ باهمي فوجي هم آهنگي کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪري سگهي ٿو.

هن معاهدي جو اصل امتحان گڏيل منصوبابندي، اثرائتي فوجي سهڪار ۽ قابل اعتماد دفاعي ردعمل مان ئي پرکي سگهجي ٿو. سعودي عرب جي هڪ وزير هن معاهدي جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته هي معاهدو ڪنهن فوجي اتحاد يا فرقيواراڻي بلاڪ جي قيام جي ڪوشش ناهي. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران علائقائي سلامتي جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ هو ان نظام ۾ اقتصادي سهڪار کي به شامل ڪرڻ چاهي ٿو. ماهرن جو خيال آهي ته هي معاهدو اصل ۾ مسلم ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندو، نه ته ڪنهن مسلم ملڪ خلاف استعمال ڪيو ويندو. ترڪيءَ جي قيادت طرفان به واضح اشارو ڏنو ويو آهي ته ٻيا ملڪ پڻ هن نظام جو حصو بڻجي سگهن ٿا.

اڄ 21هين صديءَ ۾ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته سمورا خليجي ملڪ، ايران، پاڪستان ۽ ترڪي گڏجي هڪ نئون علائقائي سلامتي جو نظام قائم ڪن، جيڪو انهن سڀني رياستن کي هڪ گڏيل ڍانچي ۾ جوڙي ڇڏي. اهڙيءَ طرح خليج مان آمريڪي فوجي اڏا به آهستي آهستي گهٽ ٿيندا ويندا ۽ هن علائقي ۾ آمريڪي بالادستي پڻ گهٽ کان گهٽ ٿيندي ويندي. هن خطي ۾ مستقل امن لاءِ ضروري آهي ته ٻين خليجي ۽ سارڪ ملڪن کي به هن معاهدي ۾ شامل ڪيو وڃي، جيئن خطي جا سمورا ملڪ پنهنجي عوام لاءِ پائيدار امن ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ سان گڏ آمريڪا کي هن علائقي ۾ مداخلت کان روڪي سگهن. هن معاهدي کان پوءِ ايران لاءِ به ضروري هوندو ته هو خليجي ملڪن تي حملا بند ڪري ۽ خليجي ملڪ پڻ پنهنجي سرزمين کي ايران خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين.

اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سمورن خليجي ملڪن ۽ ايران کي هميشه هڪ ٻئي سان گڏ رهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي جاگرافيائي حيثيت ڪڏهن به تبديل نٿي ٿي سگهي. ان ڪري بهتر ٿيندو ته اهي باهمي سلامتي لاءِ پرامن بقا باهمي جو ڪو قابل عمل طريقو اختيار ڪندي، دفاع سان گڏ معيشت، گڏيل ڪرنسي، ٽيڪنالاجي، تعليم، باهمي واپار ۽ سفارتڪاري جي شعبن ۾ پڻ هڪ ٻئي جي ويجهو اچن.

You might also like