پريشانين جي سائنس!ذهني سُڪون ۽ پيٽ جي انيڪ مسئلن جو بهترين قدرتي حل، خوبصورتي ۽ سُٺي ننڊ جو راز

صحت انسان لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي، جيڪڏهن ان جو خيال نه ڪجي ته باقي نعمتون به ڪنهن ڪم جون ناهن، انڪري هر ماڻهو کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي.

مختلف سببن جي ڪري اڄڪلهه پريشانيون هر ماڻهو جو عام مسئلو بڻجي ويون آهن، نه رڳو ملڪ پر سڄي دنيا ۾ ڊپريشن ۽ انزائٽي جو مسئلو تيزي سان وڌندو ۽ عام ٿيندو پيو وڃي، ڊپريشن جا خاتمو ته رڳو ان جي سببن جو خاتمي سان جڙيل آهي پر تنهن باوجود به انساني سهڪار توڙي ٻيا ڪيترائي طريقا اهڙا ضرور موجود آهن جيڪي پريشانين مان ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ ذهن کي سُڪون مهيا ٿي سگهي ٿو.

اسان پريشانين کان بچڻ لاءِ پهريون انهن جي سببن کي ڇڏي پهريون پريشانين بابت سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا.

پريشاني جي سولي ۽ هڪ جملي واري وضاحت اها آهي ته ” ڪنهن به مسئلي يا خطري بابت ذهن جي دٻاءَ وارو رد عمل پريشاني آهي.

هاڻي جيڪڏهن مسئلن ۽ خطرن کي ڇڏي ڪري رڳو پريشاني کي وٺئون ته اهو ذهن جي دٻاءَ وارو رد عمل آهي.

هاڻي اهو ڏسڻو پوندو ته ”ذهن جو اهو رد عمل“ ٿيندو ڪيئن آهي.

جڏهن دماغ ڪنهن مسئلي يا صورتحال کي خطري يا دٻاءَ ڏانهن مٽائيندو آهي ته اصل ۾ دماغ جا نيوران هڪٻئي ڏانهن ”برقي ۽ ڪيميائي سگنل موڪليندا آهن، جنهن جي ڪري پريشاني يا چڙ واري حالت پيدا ٿيندي آهي جنهن سان خبرداري، ڌيان، جذٻن ۽ دٻاءَ سان سلهاڙيل نيورل سرڪٽ وڌيڪ سرگرم ٿيندا آهن. جنهن دوران دماغ جي مختلف ڪيميائي نياپا کڻندڙن جون سرگرميون مٽجي وينديون آهن جن ۾ هيٺيان شامل آهن.

خبرداري ۽ چڙ وڌائڻ وارو حصو نورايڊرينالين.

صورتحال جي اهميت ۽ موٽيويشن سان لاڳاپيل ڊوپامين.

جذبن ۾ موڊ جي ضابطي ۾ حصو وٺندڙ سيروٽونن.

دماغي سرگرمين کي روڪڻ ۽ ٿڌو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ گابا.

مطلب ته اها چڙ يا دٻاءُ ڪنهن هڪ نه پر مختلف جي سرڪٽن جي سرگرمي جو نتيجو آهي.

هتي ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ان لاءِ ضروري هئي ته انهن سرڪٽن جي سرگرمي کي معمول تي آڻڻ سان ذهني دٻاءَ، پريشاني يا چڙ مان ڇوٽڪارو ماڻي سگهجي ٿو. جنهن کانپوءِ اها ثابتي ظاهر ٿئي ته جيڪي به شيون انهن سرڪٽن کي معمول تي آڻينديون اهي پريشاني جي گهٽائڻ ۽ سڪون مهيا ڪرڻ جو سبب هونديون آهن، پوءِ ڀلي پريشاني پنهنجي جاءِ تي موجود ئي هجي.

اسان اڄ هڪ اهڙي جڙي ٻوٽي آندي آهي جيڪا سائنسي تحقيق ۽ طبي ماهرن جي تصديق کانپوءِ ذهني سڪون جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏني وئي آهي، مٿين ڳالهه سمجهائڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته هيٺ ٻڌائي ويندڙ ان جڙي ٻوڙي جو تعلق انهن سرڪٽن کي ضابطي ۾ رکڻ سان آهي.

بابونو يا چيمومائل.

بابونو هڪ اهڙو گل آهي جيڪو صحت جي انيڪ فائدن سان جڙيل آهي، ان ۾ موجود ايپي جينن نالي هڪ خاص اينٽي آڪسيڊنٽ هوندو آهي جيڪو دماغ کي سڪون ڏئي ٿو ۽ ذهني دٻاءُ گهڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، اهو ئي سبب آهي ته بابونو رات جو بهتر ننڊ ڪرڻ لاءِ وڏي مدد فراهم ڪندو آهي.

ذهني سڪون کانسواءِ ان ۾ هاضمي، پيٽ جي سور، گئس، بدهضمي، الٽي ۽ آنڊن جي مسئلن کي هل ڪرڻ جون به خاصيتون موجود آهن، ان سان گڏ اهو جسم جي ڪنهن حصي جي سوڄ کي به گهٽائيندو آهي.

نه رڳو ايترو پر بابوني جي چانهه پيئڻ سان يان ان جي پاڻي سان منهن ڌوئڻ سان چمڙي نرم، صاف ۽ تازي ٿيندي آهي.

ڳورهاري عورتن کي جيڪڏهن ڪنهن گل مان الرجي هجي ته اهو گل استعمال ڪرڻ کان اڳ مشورو وٺڻ ضروري آهي.

You might also like