دونهون ڇڏيندڙ سرڪاري گاڏيون بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سرڪاري کاتن جون دونهون ڇڏيندڙ ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فضائي گدلاڻ ۽ چانورن جي فصل جي لاباري کان اڳ هارين کي 10 هزار سپر سيڊرز فراهم ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ سرڪاري کاتن جون دونهون ڇڏيندڙ ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏيون بند ڪرڻ، فصلن جي باقيات ساڙڻ، گدلاڻ پکيڙيندڙ ڪارخانن ۽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گند ۽ پلاسٽڪ ساڙيندڙن تي ڳرا ڏنڊ مڙهيا ويندا، جڏهن ته ويسٽ برننگ ۾ ملوث ”سٿرا پنجاب“ ڪمپني جو ٺيڪو رد ڪيو ويندو ۽ گند ساڙڻ ۾ ملوث ملازمن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
ان کانسواءِ سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي گند ڪچرو ساڙيندڙن ۽ گدلاڻ پکيڙيندڙن جي نگراني ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ باربي ڪيو ۽ فوڊ اسٽريٽس ۾ ماحولياتي تحفظ جي ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائڻ، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

You might also like