”پناهگير“ جو لفظ اسان جي واتان ناهي نڪتو، اوهان پاڻ کي پناهگير چئو ٿا ۽ پوءِ شڪايت به ڪريو ٿا: هير سوهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم پي اي هير سوهو چيو آهي ته هڪ وقت ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن لاءِ داخلا جا دروازا بند ڪيا ويا هئا ۽ کين يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ داخلا ڏيڻ کان روڪيو ويندو هو.
سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هير سوهو چيو ته ڪراچي ۾ مضافاتي علائقا قائم ڪيا ويا ۽ ملير، ڪياماڙي سميت ڪراچي جي چوڌاري موجود سنڌي علائقن کي مضافاتي علائقن ۾ شامل ڪيو ويو.
هن چيو ته سنڌي آفيسرن لاءِ به ڪراچي ۾ اچڻ ۽ مقرري جا رستا بند ڪيا ويا هئا، جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن مان آفيسرن کي ڪراچي ۾ مقرر نه ڪرڻ جون پاليسيون اختيار ڪيون ويون.
هير سوهو چيو ته اهي ئي قدم هئا، جن ذريعي تعصب کي هٿي ڏني وئي، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ سنڌ خلاف ڪنهن به قسم جو تعصب موجود ناهي.
هن چيو ته ايترا سال گذرڻ باوجود جيڪڏهن پاڻ کي ”مهاجر“ سڏيو وڃي ٿو ته پوءِ اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته مهاجر ڪٿي رهي ٿو ۽ ڪهڙي زندگي گذاري ٿو.
هير سوهو وڌيڪ چيو ته هن دنيا ۾ جيڪا زندگي ڏٺي ۽ پڙهي آهي، ان ۾ مهاجر اهڙي زندگي نٿا گذارين، جهڙي زندگي بابت هتي دعوائون ڪيون وڃن ٿيون.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ سندن هڪ ميمبر ”پناهگير“ جو لفظ استعمال ڪيو، پر اسان پنهنجي واتان ڪڏهن به ”پناهگير“ جو لفظ ناهي ڪڍيو. اوهان پاڻ کي پناهگير قرار ڏيو ٿا، پاڻ ئي ان بابت ڳالهائيندا آهيو ۽ پاڻ ئي شڪايت ڪندا آهيو، پوءِ چوندا آهيو ته اسان جي ڳالهه ٻڌي نٿي وڃي ۽ اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي.

You might also like