ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم پي اي برهان خان چانڊيو چيو آهي ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ۽ ماءُ نه ورهائي سگهجي ٿي ۽ نه ئي ڪا اولاد ان کي ورهائڻ جي اجازت ڏيندي، خاص طور پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ورهاڱي جي سخت خلاف آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن بابت پيش ڪيل رٿ تي بحث دوران خيالن جو اظهار ڪندي برهان خان چانڊيو چيو ته اسان سنڌ جا ٻچا آهيون ۽ سنڌ اسان جي ماءُ آهي، تنهن ڪري سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.
هن چيو ته اتر سنڌ جي ماڻهن کي اڪثر بلوچ ۽ ٻين نالن سان سڏيو وڃي ٿو، پر سنڌ اها ڌرتي آهي جنهن بلوچن، پٺاڻن، پنجابين ۽ پاڪستان جي هر فرد کي پنهنجي اندر جاءِ ڏني آهي.
برهان خان چانڊيو چيو ته اهو ئي سنڌ اسيمبلي جو حسن آهي، اوهان ملڪ جي ٻين صوبن جي اسيمبلين ۾ وڃو ته اتي اوهان کي مختلف ٻولين ۽ قومن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي اهڙي نمائندگي نظر نه ايندي، جيڪا سنڌ اسيمبلي ۾ موجود آهي.
هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن ٻين صوبن مان آيل ماڻهن کي به جاءِ ڏني ۽ کين ووٽ ڏئي اسيمبلي تائين پهچايو، سنڌ هميشه ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جي روايت قائم ڪئي آهي.
برهان خان چانڊيو چيو ته اسان سنڌ جي ورهاڱي يا ان ۾ ڪنهن به قسم جي غداري قبول نه ڪنداسين، سنڌ جي ڌرتي اسان لاءِ عزت ۽ ايمان جو حصو آهي.
پاڪستان جي باني بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀ پاڪستان جا شهري آهيون ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي باني جي تصوير به موجود آهي.
هن چيو ته سنڌ پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ ملڪ جي آواز ۾ سنڌ جو آواز شامل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪو بل آندو ويو ته سنڌ اسيمبلي ان کي ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪندي، ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“
You might also like