اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت کي مئل يا غير اثرائتو قرار ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، امن جو فريم ورڪ موجود آهي ۽ پاڪستان کي اميد آهي ته ڌريون نيٺ ڳالهين جي ميز تي واپس اينديون.
هفتيوار پريس بريفنگ دوران طاهر حسين اندرابي چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار دوران ٻنهي ڌرين طرفان هٿياربند حملا ۽ جوابي ڪارروائيون ٿيون آهن، جڏهن ته پاڪستان صورتحال جو ويجهڙائي سان جائزو وٺي رهيو آهي.
هن چيو ته موجودا ڇڪتاڻ ڳڻتي جوڳي ۽ اڻوڻندڙ آهي، پر پاڪستان امن عمل مان مايوس ناهي ٿيو، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ کي پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي ناڪامي قرار نٿو ڏئي سگهجي، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي حل لاءِ مڪمل خلوص سان امن عمل ۾ رڌل آهي.
سنڌ طاس معاهدي بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته ڀارت طرفان ٽياڪڙي عدالت جو فيصلو رد ڪرڻ سان سنڌ طاس معاهدي تحت سندس ذميواريون ختم نٿيون ٿين.
هن چيو ته پاڪستان ڀارت کان سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڏانهن واپس اچڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ ڀارت کي هر حال ۾ عالمي قانون جي پابندي ۽ معاهدن جي پاسداري ڪرڻي پوندي.
طاهر حسين اندرابي چيو ته ڀارت جو رويو معاهدن جي پاسداري ۽ عالمي تڪرارن جي حل لاءِ قائم نظام تي اعتماد کي نقصان پهچائي ٿو. ڀارت جو اهو رويو ٻين انهن خطي لاءِ به ناڪاري مثال قائم ڪري سگهي ٿو، جتي گڏيل وسيلن کي قانوني معاهدن تحت منظم ڪيو وڃي ٿو.
هن چيو ته ڏکڻ ايشيا جهڙي حساس خطي ۾ سرحد پار پاڻي جي انتظام بابت هڪ طرفو رويو امن ۽ استحڪام لاءِ نقصانڪار آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ خلاف ڪيس ۽ سزا کي مڪمل طور رد ڪري ٿو، ياسين ملڪ خلاف ڪيس انصاف جي بنيادي گهرجن جي ابتڙ هو.
هن چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ وارو معاملو عالمي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي اُٿاريندو رهندو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته ياسين ملڪ جي معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.
طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي صحت ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعاگو آهي، جڏهن ته سيد علي گيلاني به اسان جي دعائن ۾ موجود آهن.
اسلام آباد ٺاهه کي مئل يا غير اثرائتو قرار ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ايران-آمريڪا ڳالهين جي ميز تي واپس ايندا: پاڪستان
You might also like