واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، برينٽ ڪچو تيل 95 ڊالر في بيرل جي لڳ ڀڳ، جڏهن ته ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) 90 ڊالر في بيرل کان مٿي ٽريڊ ڪري رهيو آهي. خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ سبب تيل جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ جا خدشا پڻ وڌي ويا آهن.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو بنيادي سبب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازو وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ ۽ هُرمُز سامونڊي لنگهه ذريعي تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جا خدشا ٻڌايا پيا وڃن.
هوڏانهن پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. 2 سيپٽمبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 8 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 343 رپيا 87 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ڊيزل جي قيمت ۾ پڻ 51 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 370 رپيا 92 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
You might also like