عمران کي پٽن سان ڳالهرائڻ ۽ بشريٰ سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي قيدِ تنہائي ۾ نه رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خادم حسين سومرو عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي جيل ۾  اڪيلائي واري قيد خلاف درخواستون اڪلائي ڇڏيون. عليمه خان پي ٽي آءِ جي باني جي قيد ۽ مبشره خاور مانيڪا بشريٰ بي بي جي قيدِ خلاف عدالت سان رابطو ڪيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ جيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي جي وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي، ۽ چيو ويو ته اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي اڪيلائي واري قيدِ ۾ نه رکيو وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيل جي ضابطن موجب، پي ٽي آءِ جي باني جي خاندان سان ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ عمران خان جي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.عدالت جي فيصلي ۾ عمران خان کي روزاني جي بنياد تي اخبارون ۽ ڪتاب فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني جي آڊيو رڪارڊ ڪئي وڃي ۽ ان جو غلط استعمال ڪيو وڃي ته اها سهولت واپس ورتي وڃي، ۽ پي ٽي آءِ جي باني کي جيل جي ضابطن موجب طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

You might also like