”سنڌ جو پٽ هجڻ تي فخر آهي، مضبوط سنڌ ڏسڻ چاهيان ٿو“ ايم ڪيو ايم جي باسط علي ڪراچي صوبي جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي باسط علي ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ٽوڙڻ ۽ نفرت واري ڳالهه ختم ٿيڻ گهرجي.
سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت رٿ تي اڱاري ڏينهن به بحث جاري رهيو.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي باسط علي چيو ته کيس سنڌ جو پٽ هجڻ تي فخر آهي ۽ هو ڪراچي کي صوبو بڻائڻ جي مخالفت ڪري ٿو.
هن چيو ته سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه ختم ٿيڻ گهرجي، مان مضبوط سنڌ ڏسڻ چاهيان ٿو.
باسط علي وڌيڪ چيو تههڪ شراب خانو بند نه ٿا ڪرائي ڏيو، مان ته مسجد جي امام کي منهن نٿو ڏيکاري سگهان.

You might also like