دوشنبي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کانپوءِ تاجڪستان به افغانستان سان پنهنجي عالمي سرحد مڪمل طور بند ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، تاجڪستان افغانستان سان سرحد مڪمل طور سيل ڪرڻ وارو ٻيو پاڙيسري ملڪ بڻجي ويو آهي.
سرحد بند ٿيڻ سان افغانستان سان واپار، ٽرانزٽ ۽ ويزا سميت مختلف معاملن تي پابندين بابت سوال اٿڻ لڳا آهن.
سوشل ميڊيا تي سامهون آيل هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته افغانستان جي مسئلي جو واحد عملي حل سرحد بند ڪرڻ، واپار ۽ ٽرانزٽ روڪڻ، ويزا جاري نه ڪرڻ، غيرقانوني طور موجود ماڻهن کي واپس موڪلڻ ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ آهي.