مڪي دفاعي معاهدي کي ادارتي شڪل ڏيڻ جو فيصلو، شروعاتي ٽن سالن لاءِ قيادت پاڪستان جي حوالي

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي شهر استنبول ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي، دفاعي وزيرن ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن مڪه ڊفينس معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ ٽنهي ملڪن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مڪي معاهدي جي فريم ورڪ تحت گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عزم جو ورجايو ويو.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب بحرانن جي پرامن حل جي حوصلا افزائي لاءِ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ صبر کي هٿي ڏيڻ جي حمايت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
ٽنهي ملڪن معاهدي تحت پنهنجي سهڪار کي وڌيڪ ادارتي شڪل ڏيڻ لاءِ قدمن تي پڻ اتفاق ڪيو.
پڌرنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان قدم جو مقصد گڏيل ايڪي کي مضبوط، دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ علائقائي امن جي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي.
ان مقصد لاءِ سعودي عرب ۾ مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن جي سربراهي سيڪريٽري جنرل ڪندو.
پڌرنامي موجب، شروعاتي ٽن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل جو عهدو پاڪستان وٽ هوندو.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽئي ملڪ دفاعي صنعت ۾ سهڪار، گڏيل ٽيڪنالاجي جي تياري ۽ پيداوار، ۽ گڏيل سرگرمين ذريعي پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا.
پڌرنامي موجب، مڪي دفاعي معاهدي تي اثرائتي ۽ منظم نموني عملدرآمد ذريعي پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا.

You might also like