مشهور برطانوي ڳائڻي هيري اسٽائلز پنهنجي اڳوڻي محبوبه ۽ عالمي شهرت رکندڙ ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ جي ٽريوس ڪيلسي سان شادي بابت ڪنسرٽ دوران دلچسپ انداز ۾ تبصرو ڪري مداحن جو ڌيان ڇڪائي ورتو.
هيري اسٽائلز هن وقت نيويارڪ جي ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ 30 ڪنسرٽن تي ٻڌل پنهنجي موسيقي واري سلسلي ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي. ڇنڇر جي رات ڪنسرٽ جي پڄاڻيءَ تي هن ساڳئي هنڌ ٿيل ٽيلر سوئفٽ جي شادي جو نالو وٺڻ کانسواءِ مزاحيه انداز ۾ ذڪر ڪيو.
مداحن سان ڳالهائيندي ڳائڻي چيو ته هو ميڊيسن اسڪوائر گارڊن ۾ موجود آهي، جيڪو عالمي چيمپئن نيويارڪ نڪس جي گهر طور سڃاتو وڃي ٿو. ان کان پوءِ هن شرارتي انداز ۾ وڌيڪ چيو”۽ هتي شاديون به ٿينديون آهن.“
هيري اسٽائلز جو اهو جملو ظاهري طور ٽيلر سوئفٽ ۽ آمريڪي فٽبال اسٽار ٽريوس ڪيلسي جي شادي ڏانهن اشارو هو، جيڪا 3 جولاءِ تي ساڳئي هنڌ تي ٿي هئي.
واضح رهي ته هيري اسٽائلز ۽ ٽيلر سوئفٽ نومبر 2012ع کان جنوري 2013ع تائين هڪ ٻئي سان محبت جي رشتي ۾ رهيا هئا.