مشهور ڊزائنر هڪ اهڙي شرٽ تيار ڪئي آهي، جنهن بابت دعويٰ ڪيو ويو آهي ته اها پائڻ وارن ماڻهن کي چهرو سڃاڻيندڙ هٿرادو ڏاهپ (AI) جي نظرن کان اوجهل ڪري سگهي ٿي.
هن انوکي لباس کي ڊزائنر سائمن وِيڪرٽ دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ سان ليس وڊيو نگراني جي وڌندڙ استعمال جي ردعمل طور تيار ڪيو آهي.
’ڊجيٽل ڪيموفلاج‘ نالي هيءَ شرٽ پنهنجي خاص رنگن ۽ تجريدي نقش نگارن جي ڪري مصنوعي ذهانت تي ٻڌل شين جي سڃاڻپ ڪندڙ نظامن کي مبينا طور تي منجهائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي نظام شرٽ پائيندڙ شخص کي انسان طور سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿي سگهن ٿا.
وِيڪرٽ موجب، هٿرادو ڏاهپ جي نظامن اصل ۾ اهو ناهي سکيو ته انسان ڇا هوندو آهي، پر انهن لکين تربيتي تصويرن جي مدد سان اهو سکيو آهي ته شمارياتي لحاظ کان انسان عام طور تي ڪهڙي نموني نظر ايندو آهي.
بهرحال، وِيڪرٽ واضح ڪيو آهي ته ڊجيٽل ڪيموفلاج پوليس کان بچڻ جو ڪو ذريعو ناهي ۽ نه ئي اها گمنامي جي ضمانت ڏئي ٿي.