ڪراچي: اين سي سي آءِ اي جي ڪال سينٽر تي ڪارروائي، پرڏيهين سان فراڊ ۾ ملوث 6 جوابدار گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي جي هڪ ڪال سينٽر تي ڪارروائي ڪندي پرڏيهين سان فراڊ ۾ ملوث 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

اين سي سي آءِ اي موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ ڇاپو هنيو ويو، جتي مختلف اسڪيمن تحت پرڏيهي شهرين کي نشانو بڻايو پئي ويو. جوابدار پرڏيهي بئنڪن جا آفيسر بڻجي شهرين کان رقم ڦريندا هئا.

اختيارين موجب جوابدار پرڏيهي شهرين جي ذاتي ۽ مالي معلومات، جنهن ۾ ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ جون تفصيلون پڻ شامل هيون، حاصل ڪري انهن کي فراڊ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ڪندا هئا.

ڪارروائي دوران ڪال سينٽر مان مبينا فراڊ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا.

اين سي سي آءِ اي موجب ڪال سينٽر جي مالڪن محمد لائق ۽ محمد فاضل سميت ڪيترن ئي ايجنٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب واقعي جو ڪيس اين سي سي آءِ اي ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like