چين جي سرحد سان لڳ نيپال جي علائقي ۾ اربع ڏينهن برفاني ڇپ اوچتو ڪرڻ سبب آيل ٻوڏ جي وهڪري وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي. امدادي ٽيمون دريائن ۽ ملبي جي ڍيرن مان متاثر ماڻهن جا لاش ڪڍڻ ۾ مصروف آهن.
ٻوڏ سبب بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته نيپالي حڪومت امدادي ڪاررواين لاءِ عالمي برادري کان فني سهڪار جي اپيل ڪئي آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب ڇنڇر ۽ آچر تي نيپالي اختيارين لڳ ڀڳ 200 اهڙا لاش دفن ڪيا، جن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب مرده خانن ۾ لاش وڌيڪ وقت تائين محفوظ رکڻ ممڪن نه رهيو، جنهن ڪري ڪيترائي لاش سڃاڻپ کان ٻاهر ٿي ويا.
ٻئي پاسي چين جي خودمختيار علائقي تبت ۾ پڻ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 16 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 546 ماڻهو لاپتا آهن.
چيني اختيارين موجب لاپتا ماڻهن ۾ 23 ملڪن جا 261 شهري شامل آهن. لاپتا پرڏيهي شهرين ۾ نيپال، ڀارت، آمريڪا ۽ برطانيا جا شهري پڻ شامل آهن.