پنجاب ۾ حقيقي ڪم ڪجهه به ناهي، نمائشي قدمن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي: حافظ نعيم الرحمان

لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ حقيقي ڪم ڪجهه به ناهي، نمائشي قدمن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي، دهشتگردي جي واقعن ۾ تيزي اچي رهي آهي ۽ نوجوان نسل مايوس ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته ملڪ مان پڙهيل لکيل ماڻهن جي پرڏيهه وڃڻ جو رجحان پڻ وڌي ويو آهي.

هن چيو ته جماعت اسلامي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پئي وڃي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته انڪم ٽيڪس رڳو پگهاردار طبقي کان وصول ڪيو پيو وڃي، ٽيڪسن جي ڀرمار سبب غريب ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هر شعبي ۾ ڪرپشن ئي نظر اچي رهي آهي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته بدقسمتي سان پنجاب ۾ حقيقي ڪم ڪجهه به ناهي، نمائشي قدمن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. اڄ راولپنڊي ۾ عوامي جلسو ٿيندو، جڏهن ته واپارين سان پڻ ملاقات ڪندس. انتظاميا پنهنجا حربا استعمال ڪرڻ کان باز نه اچي رهي آهي ۽ لياقت باغ ۾ جلسي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

هن چيو ته جيڪڏهن انتظاميا پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته ان جي ذميواري انتظاميا تي ئي هوندي. لياقت باغ ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وئي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي روڊن تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like