سنڌ اسيمبلي نون صوبن ۽ يونٽن جي قيام بابت بحث لاءِ رٿ منظور ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي نون صوبن ۽ نون يونٽن جي قيام بابت ٿيندڙ ڳالهين تي بحث لاءِ مهملي رٿ منظور ڪري ورتي آهي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نثار احمد کهڙي ايوان ۾ مهملي رٿ پيش ڪئي.
پيش ڪيل رٿ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ نون صوبن ۽ يونٽن جي حوالي سان بحث ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري معمول جي ڪارروائي معطل ڪري هن اهم معاملي تي بحث ڪيو وڃي.
اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته مهملي رٿ تي سومر ڏينهن 2 ڪلاڪ بحث ڪيو ويندو.

You might also like