برٽش ڪائونسل اسڪاٽش حڪومت جي سهڪار سان اسڪاٽ لينڊ-پاڪستان اسڪالرشپ اسڪيم 2026-27ع لاءِ نوجوان عورتن ۽ شاگردياڻين کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ وڌائي 15 سيپٽمبر 2026ع ڪئي وئي آهي.
هن اسڪالرشپ پروگرام جو مقصد پاڪستان ۾ مالي طور پٺتي پيل خاندانن سان تعلق رکندڙ عورتن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. پروگرام جي شروعات 2013ع ۾ ڪئي وئي هئي ۽ هن وقت تائين ان تحت سڄي پاڪستان ۾ 25 هزار کان وڌيڪ شاگردياڻين کي تعليمي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي.
برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن موجب گذريل هڪ ڏهاڪي دوران هن اسڪالرشپ اسڪيم ذريعي 25 هزار کان وڌيڪ عورتن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول ۽ يونيورسٽي جي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هي پروگرام معياري تعليم کي وڌيڪ سستو ۽ پهچ ۾ آڻڻ سان گڏ نوجوان عورتن لاءِ نوان تعليمي موقعا پيدا ڪري رهيو آهي.
اسڪالرشپ پاڪستان ۾ ايڇ اي سي کان تسليم ٿيل يونيورسٽين ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز پروگرام ڪندڙ اهل شاگردياڻين لاءِ موجود آهي. اسڪالرشپ لاءِ تعليم، زراعت ۽ خوراڪ جي تحفظ، پائيدار توانائي، صحت جي سائنسز، موسمياتي تبديلي ۽ اسٽيم انجنيئرنگ سميت مختلف شعبا شامل ڪيا ويا آهن. اسٽيم مضمونن ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز ٻنهي سطحن تي درخواست ڏئي سگهجي ٿي.
اسڪالرشپ تحت چونڊيل شاگردياڻين جي ٽيوشن فيس ادا ڪئي ويندي، جڏهن ته ضرورت موجب يونيورسٽي هاسٽل جا خرچ به فراهم ڪيا ويندا. ڪيمپس جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين کي سال ۾ ٻه ڀيرا گهر ۽ يونيورسٽي وچ ۾ اچ وڃ جا سفري خرچ پڻ ڏنا ويندا.
ماسٽرز ڪندڙ شاگردياڻين کي پنهنجي تحقيقي ڪم لاءِ معياري ليبارٽرين، اوزارن ۽ ضروري سهولتن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ريسرچ فنڊز پڻ فراهم ڪيا ويندا.
پوسٽ گريجوئيٽ شاگردياڻيون ٻن سالن واري ماسٽرز يا ايم فل پروگرام، جڏهن ته انڊر گريجوئيٽ شاگردياڻيون اهل شعبن ۾ چئن سالن واري بيچلرز ڊگري پروگرام لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪري سگهن ٿيون.
درخواست ڏيندڙ جو پاڪستاني شهري ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته کيس ايڇ اي سي کان تسليم ٿيل يونيورسٽي ۾ لاڳاپيل ڊگري پروگرام ۾ داخلا جي تصديق ٿيل آڇ پڻ حاصل ٿيل هجڻ گهرجي.
برٽش ڪائونسل اقليتي برادرين ۽ معذور ماڻهن سان تعلق رکندڙ شاگردياڻين کي به خاص طور تي درخواستون ڏيڻ جي ترغيب ڏني آهي.
اسڪالرشپ لاءِ درخواستون 15 سيپٽمبر 2026ع تائين آن لائن جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. اهليت، درخواست ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ٻين تفصيلن بابت معلومات برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.