15 ڏينهن کانپوءِ کوهه مان هٿ آيل 5 ورهين جي مقتول نياڻي آيت نور سان زيادتي جي تصديق

هري پور ۾ 5 ورهين جي نينگري آيت نور جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي آهي.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب نينگري زيادتي دوران ئي فوت ٿي وئي هئي. کيس فوت ٿيل حالت ۾ کوهه ۾ اڇلايو ويو هو، جڏهن ته گهڻو رت وهڻ ۽ صدمو لڳڻ سبب سندس موت ٿيو.

پوسٽ مارٽم لاءِ ايم ايس ڊاڪٽر منور جي سربراهي ۾ 8 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو هو.

ياد رهي ته خيبرپختونخوا جي ضلعي هري پور ۾ 5 ورهين جي نينگري آيت نور جو لاش گم ٿيڻ جي 15 ڏينهن کانپوءِ مليو هو. نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪري لاش کوهه ۾ اڇلايو ويو هو.

پوليس موجب نينگري جو لاش يونيورسٽي روڊ تي هڪ گودام جي کوهه مان مليو هو. آيت نور گهر کان ٻاهر کيڏڻ لاءِ نڪتي هئي، جنهن کانپوءِ گم ٿي وئي هئي.

آيت نور ڪيس جا 2 جوابدار جيل ۾ آهن، جڏهن ته هڪ جوابدار پوليس جي تحويل ۾ آهي. جوابدارن نينگري سان زيادتي ڪرڻ کانپوءِ کيس قتل ڪيو ۽ لاش کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

You might also like