نائين اليون جي ماسٽر مائينڊ خلاف ڪيس جي ڪارروائي 2028 ۾ شروع ٿيندي

نائن اليون حملن جي مبينا ماسٽر مائنڊ خالد شيخ محمد خلاف مقدمي جي ڪارروائي 2028ع ۾ شروع ٿيندي

آمريڪي فوجي عدالت حڪم ڏنو آهي ته نائن اليون حملن ۾ ملوث 4 جوابدارن جو ٽرائل 5 جون 2028ع کان شروع ٿيندو، جن ۾ حملن جو مبينا ماسٽر مائنڊ خالد شيخ محمد پڻ شامل آهي.

خالد شيخ محمد کي 2003ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هو گذريل 20 سالن کان ڪيوبا ۾ قائم آمريڪي بحري اڏي گوانتانامو بي جي جيل ۾ قيد آهي.

آمريڪي فوجي عدالت جي جج اهو فيصلو نائن اليون حملن کي لڳ ڀڳ 25 سال مڪمل ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو آهي.

2001ع ۾ آمريڪي مسافر جهاز اغوا ڪري انهن کي نيويارڪ ۽ واشنگٽن جي اهم هنڌن سان ٽڪرائيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.

You might also like