يوڪرين کي هٿيار ڏئي برطانيا باهه سان کيڏي ٿو، برطانوي فوجي هدف نشانو جوابي نشانو بڻجي سگهن ٿا: روس

روس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين روس اندر هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ برطانوي ڪروز ميزائل استعمال ڪيا ته روس جواب ۾ يوڪرين اندر ۽ يوڪرين کان ٻاهر موجود برطانوي فوجي هدفن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زاخارووا ماسڪو ۾ پريس بريفنگ دوران اها خبرداري ڏني، جنهن کي برطانيا لاءِ روس طرفان هيل تائين جي سڀ کان سخت وارننگ قرار ڏنو پيو وڃي.

ماريا زاخارووا واضح ڪيو ته برطانيا روسي شهرين خلاف ٿيندڙ ان دهشتگردي ۾ قانوني طور تي شريڪ ڏوهي بڻجڻ کان رڳو ”هڪ قدم جي مفاصلي“ تي آهي.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن برطانيا پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته ان جا تباهه ڪندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ”اسان ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪري چڪا آهيون ته برطانوي هٿيارن جي استعمال سان روسي سرزمين تي يوڪرين جي حملن جي جواب ۾، يوڪرين ۽ ان جي سرحدن کان ٻاهر موجود ڪنهن به برطانوي فوجي تنصيب ۽ سامان کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.“

ماريا زاخارووا وڌيڪ چيو ته ”اسان برطانوي قيادت کي صلاح ڏيون ٿا ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر صورتحال جو غور سان جائزو وٺي ۽ فوري طور تي فيصلائتي ۽ واضح انداز ۾ پنهنجي ان مخالفاڻي ۽ جارحاڻي پاليسي کي ختم ڪري، جيڪا هن تڪرار کي بلڪل نئين ۽ خطرناڪ سطح تائين وٺي وڃڻ جو خطرو پيدا ڪري رهي آهي.“

روسي ترجمان جو اها سخت خبرداري اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن رڳو هڪ ڏينهن اڳ روس يوڪرين تي الزام لڳايو هو ته هن اوڀر يوڪرين جي روس جي قبضي هيٺ موجود شهر ڊونيٽسڪ جي هڪ شاپنگ سينٽر تي برطانوي ”اسٽارم شيڊو“ ميزائل فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري زخمي ٿيا.

واضح رهي ته سومر ڏينهن برطانوي وزيراعظم اينڊي برنهم اعلان ڪيو هو ته برطانيا يوڪرين کي اهڙي ڳجهي ٽيڪنالاجي تائين رسائي فراهم ڪندو، جنهن جي مدد سان يوڪرين ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ”اسٽارم شيڊو“ ڪروز ميزائلن جي مقامي سطح تي پيداوار شروع ڪري سگهندو.

You might also like