مائڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس چتاءُ ڏنو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي تيز ترقي سبب ڪيترين ئي نوڪرين جي ضرورت ختم ٿي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب پنهنجي بلاگ ۾ هن چيو ته ڪجهه شعبا انسانن لاءِ مخصوص رکڻ گهرجن، جيئن AI مڪمل طور تي انساني ماهرن جي جاءِ نه وٺي. سندس خيال ۾ خاص طور طب ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ انساني ماهرن جي ضرورت برقرار رهڻ گهرجي.
بل گيٽس موجب AI جو اثر صرف روزگار تائين محدود نه رهندو، پر تعليم، صحت، توانائي، چونڊن، مالياتي نظام، ٽرانسپورٽ ۽ قومي سلامتي سميت زندگي جي تقريباً هر شعبي تي پوندو.
هن حڪومتن تي زور ڏنو ته AI جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ۽ ملڪي سطح تي ضابطا ۽ فريم ورڪ تيار ڪيا وڃن.
بل گيٽس اڳ به اڳڪٿي ڪري چڪو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ اي آءِ ڊاڪٽرن ۽ استادن جي ڪم جو وڏو حصو سنڀالي سگهي ٿي ۽ ان سان ڪم جا ڪلاڪ گهٽجڻ سان روايتي فل ٽائيم نوڪرين جي ضرورت پڻ گهٽجي سگهي ٿي.