اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ پاڪستان تحريڪِ انصاف کي عدالتي حڪمن جي توهينِ جو مرتڪب قرار ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته علاج بابت انتظاميا عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪيو، عدالت واضح چيو هو ته ڪا به بيان بازي نه ٿيندي، پر ميڊيا ٽاڪ ڪئي وئي، سياست به ڪئي وئي، بيان بازي به ڪئي وئي ۽ سيڪيورٽي ۾ به خلل وڌو ويو.
هن چيو ته عدالتي حڪم موجب سموريون گهرجون پوريون ڪيون ويون، تحريڪ انصاف طرفان بي بنياد توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي.
هڪ توهينِ عدالت اها ٿي ته شفا اسپتال ٻاهران ٽولن جي صورت ۾ ماڻهو ڪنهن گڏ ڪيا؟ عدالت چيو هو ته سياسي بيان بازي نه ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ باني، سندس خاندان ۽ پارٽي توهين عدالت ڪئي آهي.
هن چيو ته اسپتال ٻاهران تحريڪ انصاف جي ماڻهن سيڪيورٽي رسڪ پيدا ڪيو.
پي ٽي آءِ باني جو معائنو سندس ڀيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي موجودگيءَ ۾ ڪيو ويو، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ موجب پي ٽي آءِ باني بلڪل ٺيڪ آهي.
حڪومت هڪ ڏينهن به باني پي ٽي آءِ جو علاج نه روڪيو، هي طبي ۽ قانوني معاملو آهي، ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي.
وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي ڀيڻ ۽ سندس پارٽي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي. پي ٽي آءِ عدالتي حڪم نه مڃي پنهنجي ئي خاطري جي نفي ڪئي آهي.
هن چيو ته حڪومت نظرثاني اپيل ۾ سمورن قيدين لاءِ هڪجهڙين سهولتن بابت سوال اٿاريو آهي ۽ نظرثاني درخواست ۾ پڇيو ويو آهي ته ڇا اها سهولت هر قيدي کي ميسر آهي؟
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ پاڪستان بار ڪائونسل پي ٽي آءِ جي سياسي پروپيگنڊا کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي.
بار ڪائونسلن خبردار ڪيو آهي ته انهن جو نالو سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي، بار ڪائونسلن واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به ميمبر جي انفرادي بيان جو ڪائونسلن سان ڪو تعلق ناهي.