ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاهه ۽ اڻٽٽ حصو آهي، نئين صوبي بدران اصل بيماري ختم ڪريو: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ کي نئون صوبو نه پر وسيلا، انصاف، امن، برابري، روزگار، تعليم ۽ پاڻي گهرجي.
هن چيو ته خراب حڪمراني جو حل سنڌ جي ورهاڱي ۾ ڳولڻ بدران اصل بيماري ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کي ختم ڪرڻ گهرجي.
اياز لطيف چيو ته ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاهه ۽ اڻٽٽ حصو آهي. نئين صوبي جي نالي تي سنڌ کي ورهائڻ يا مڪاني حڪومتن جي سڌارن کي صوبائي خودمختياري خلاف استعمال ڪرڻ واري هر ڪوشش کي سنڌ جو عوام ناڪام بڻائيندو.

 

You might also like