پنجاب وڏي ڀاءُ طور سڀني صوبن جي رهنمائي لاءِ هر وقت حاضر آهي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته وڏو ڀاءُ هجڻ جي ناتي پنجاب مخلصاڻي نيت سان سمورن صوبن جي رهنمائي لاءِ هر وقت حاضر آهي، پنجاب کان سکڻ وارا پنجاب تي آڱر نه کڻن.
هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته الله جو شڪر آهي ته جناح انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جناح ڪارڊيالوجي ۾ هارٽ ٽرانسپلانٽ جو علاج 100 سيڪڙو مفت هوندو.
هن ٻڌايو ته وزيراعليٰ مريم نواز تمام جلد نواز شريف ڪينسر اسپتال جو به افتتاح ڪرڻ واري آهي، اسپتال هڪ هزار بسترن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته ڪارڊيالوجي اسپتال سرگوڌا به تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي.
عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته پنجاب جي سرڪاري اسپتالن ۾ سڄي ملڪ مان آيل مريضن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي.
پنجاب کان سکڻ وارا پنجاب تي آڱر نه کڻن، پنجاب وڏو ڀاءُ آهي ۽ خلوص نيت سان سمورن صوبن جي رهنمائي لاءِ هر وقت حاضر آهي.

 

You might also like