حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي امڪاني ورهاڱي، پاڻيءَ جي منصوبن ۽ جلالپور ڪئنال سميت سنڌ جي قومي مسئلن تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان ”وحدتِ سنڌ مارچ“ شروع ٿي ويو، جنهن ۾ مختلف قومپرست ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون پڻ شامل آهن.
سنڌ مٿان زوري مڙهيل فيصلن خلاف عام عوام به وڏي انگ ۾ مارچ ۾ شريڪ آهي.
سنڌ وحدت مارچ ۾ شرڪت لاءِ قاسم آباد جي پونم چوڪ تي مختلف علائقن مان قافلن جي آمد جو سلسلو جاري رهيو، جنهن کانپوءِ قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿي ويو.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو ته اسان پيغام ڏيڻ آيا آهيون ته سنڌي قوم هڪ پرامن قوم آهي، هن قوم جي وحدت کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي.
علامه اياز قمي چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به سازش قبول نه ڪئي ويندي، سنڌ خلاف سازشون ڪريو ٿا، توهان کان سورهيه بادشاهه وسري ويو ڇا؟
عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر وسند ٿري چيو ته سنڌ جو مسئلو صرف هڪ پارٽيءَ جو مسئلو ناهي، پر سنڌ جي ٻچي ٻچي جو مسئلو آهي.
ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊئي چيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو ڌرتيءَ جو ورهاڱو ڪرڻ نه ڏيندا.