ملڪ ۾ سون جي چڙهه چڙهان جاري، اڄ به هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5 هزار 700 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 82 هزار 936 رپين جو ٿي ويو.
واضح رهي ته ٻن ڏينهن دوران ملڪ ۾ في تولو سون 10 هزار رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي چڪو آهي.
گذريل ڏينهن في تولو سون 5 هزار 200 رپيا مهانگو ٿيو هو.
ان کانسواءِ اڄ 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 4 هزار 972 رپين جي واڌ ٿي آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 4 لک 14 هزار 39 رپيا ٿي وئي آهي.

 

You might also like