ايمسٽرڊم (ويب ڊيسڪ) نيڌرلينڊز ۾ جاري ورلڊڪپ جي ڪلاسيفڪيشن ميچ ۾ پاڪستان جپان کي 3 جي مقابلي ۾ 4 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
جپان خلاف ميچ ۾ پاڪستان طرفان رانا وحيد 2، حنان شاهد ۽ حماد هڪ، هڪ گول ڪيو.
هي نه رڳو نيڌرلينڊز ۾ جاري ورلڊڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين فتجح آهي، پر هاڪي ورلڊڪپ جي مقابلن ۾ پاڪستان 6 هزار 17 ڏينهن کانپوءِ ڪنهن ٽيم کي شڪست ڏني آهي.
ان کان اڳ آخري ڀيرو پاڪستان هاڪي ٽيم 2010ع جي هاڪي ورلڊڪپ ۾ اسپين کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏني هئي.
پاڪستان 2014ع جي ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو هو، جڏهن ته 2018ع جي هاڪي ورلڊڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم هڪ ميچ به کٽي نه سگهي هئي.
اهڙي ريت 2023ع جي ورلڊڪپ ۾ به قومي ٽيم ڪواليفاءِ ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيم ورلڊڪپ ٽرافي جي ڊوڙ مان اڳ ئي ٻاهر ٿي چڪي آهي.
You might also like