ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي گڏيل دفاعي معاهدي ۾ شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بنگلاديشي وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار همايون ڪبير هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو آهي ته بنگلاديش سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي جي اقتصادي يا دفاعي فريم ورڪ ۾ شموليت جي امڪان بابت هاڪاري رويو رکي ٿو.
همايون ڪبير جو چوڻ هو ته ان معاملي ۾ بنگلاديش قومي مفادن، عالمي معيشت ۽ واپار ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندو. پاڪستان سان معمول جي سفارتي سرگرمين تحت ٻطرفا عملي لاڳاپا مضبوط بڻائي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان واپار ۽ ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، سعودي ولي عهد جي دعوت تي وزيراعظم طارق رحمان جلد سعودي عرب جو دورو ڪندو.
ڏکڻ ايشيا ۾ نئين دفاعي صفبندي؟ بنگلاديش جو پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي سان دفاعي معاهدي ۾ گڏجڻ جو اشارو
You might also like