پاڪستان سميت 75 ملڪن کي وڏو رليف، ٽرمپ جي ويزا پاليسي غيرقانوني قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عدالت 75 ملڪن جي اميگرنٽ ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي عدالت جن 75 ملڪن جي اميگرنٽ ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري پاليسي رد ڪئي، انهن ملڪن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، ايران ۽ روس به شامل آهن.
نيويارڪ جي ڊسٽرڪٽ جج گذريل ڏينهن ٽرمپ انتظاميا جي ويزا پاليسي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته ويزا پاليسي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي قانوني اختيارن کان ٻاهرآهي، جنوري ۾ لاڳو ڪيل ويزا پاليسي واضح طور غيرقانوني هئي ۽ ٽرمپ انتظاميا جي ويزا پاليسي وفاقي اميگريشن قانون سان ٽڪراءَ ۾ هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي جج اهو فيصلو پناهگيرن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن طرفان داخل ڪرايل ڪيس ۾ ٻڌايو.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته پاليسي ۾ شامل ملڪن جا شهري آمريڪا تي ٻوجهه بڻجي سگهن ٿا، جنهن سبب 75 ملڪن لاءِ آمريڪي اميگرنٽ ويزا جي ڪارروائي جنوري کان روڪي وئي هئي.
ٻئي پاسي آمريڪي عدالت جي فيصلي تي پرڏيهي کاتي طرفان اڃا تائين ڪو تبصرو ناهي ڪيو ويو.

You might also like