بال جهٽڻ ۾ روٽ سڀ کان اڳرو، سمٿ جو عالمي رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيائين

ليڊز (اسپورٽس ڊيسڪ)انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ جو سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
جو روٽ هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ تاريخ رقم ڪندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ وڪيٽ ڪيپر کانسواءِ سڀ کان وڌيڪ ڪيچ پڪڙيندڙ ( وڪيٽ ڪيپر کانسواءِ) فيلڊر جو اعزاز ماڻي ورتو.
جو روٽ آسٽريليا جي اسٽار ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ کي پوئتي ڇڏيندي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ فيلڊر طور سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
روٽ جمعي ڏينهن هيڊنگلي ۾ پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز دوران آرچر جي بال تي اذان اويس جو ليگ سلپ تي ڪيچ پڪڙي اسٽيو سمٿ جو رڪارڊ ٽوڙيو.
اهو جو روٽ جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ فيلڊر طور 219 هون ڪيچ هو، جڏهن ته اسٽيو سمٿ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 218 ڪيچ پڪڙيا آهن.
واضح رهي ته انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي اننگز ۽ 103 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like