وزيراعظم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا ۽ ترت بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ڪٽنبن جي مالي مدد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
تازين برساتن سبب ٿيل نقصانن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم کي چوماسي جي اثرن ۽ امدادي ڪارروائين ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز متاثر علائقن ۾ وڃي بحالي جو ڪم شروع ڪرائين، جڏهن ته متاثرن تائين خوراڪ ۽ امدادي سامان جلد کان جلد پهچايو وڃي.
ان کانسواءِ وزيراعظم برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن ۽ بنيادي ڍانچي جي ترت بحالي ۽ امدادي ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته متاثر خاندانن جي مالي مدد ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.

You might also like