”ڪيمرا سلمان ڏي، سلمان جا هٿ مٿي“ايلڪس هارٽلي جو پاڪستاني ڪپتان تي ٺٺول

ليڊز (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ايلڪس هارٽلي پاڪستاني ڪرڪيٽر سلمان علي آغا بابت دلچسپ تبصرو ڪندي چيو آهي ته جڏهن به ڪيمرا جو رخ سلمان علي آغا ڏانهن ٿئي ٿو ته سندس هٿ مٿي تي هوندا آهن.
هيڊنگلي ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تبصرو ڪندي ايلڪس هارٽلي چيو ته ”مون نوٽ ڪيو آهي ته جيئن ئي ڪيمرا سلمان علي آغا تي ايندي آهي ته سندس هٿ مٿي تي هوندا آهن.“
واضح رهي ته هيڊنگلي ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ جي شروعاتي ٻن ڏينهن دوران پاڪستان جي خراب ڪارڪردگي تي انگلش ميڊيا ۽ ڪرڪيٽ پنڊتن سخت تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته ”دي ٽيليگراف“ پاڪستان کي ”50 سالن جي بدترين ٽيسٽ ٽيم“ قرار ڏنو هو.

 

You might also like