ڄامشورو(رپورٽ : راجا انور چانڊيو) ساڃاهه وندن سنڌ جي ورهاڱي، وسيلن جي ڦرلٽ وارين ڪوششن ۽ سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت کي رد ڪندي مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڄامشورو جي فڪري آشرم تي سنڌ جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ نصير ميمڻ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر عرفانا ملاح، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، عامر لطيف صديقي، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، غلام رسول چانڊيو، ڊاڪٽر ڀائي خان شر ، اڪبر سومرو، علي دوست عاجز، آفتاب خانزادو ، ڊاڪٽر حسين مسرت شاھ، امر سنڌو، ، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، مرتضي سيال، محمد يوسف جويو، منير چانڊيو، ادريس لغاري، وحيد چانڊيو، عزيز گوپانگ، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ سنڌ جي موجوده صورتحال، پاڻي، وسيلن، وفاقي نظام ۽ سنڌ جي وحدت بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ دانشورن واضح ڪيو ته سنڌ جي علائقائي سالميت کي نقصان پهچائڻ، صوبائي خودمختياري ختم ڪرڻ، سنڌ جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن تي قبضو ڪرڻ يا سنڌ جي عوام جي رضامندي کانسواءِ وفاقي معاهدي ۾ تبديلي آڻڻ، انهن اصولن ۽ سماجي معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي، جن جي بنياد تي سنڌ پاڪستان جي وفاق ۾ شامل ٿي هئي، گڏجاڻي کانپوءِ ناليواري دانشور نصير ميمڻ پاران ”پاڻيءَ جي سياست ۽ سنڌ تي ان جا اثر“ جي عنوان سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ حالتون خراب آهن، آزاد ڪشمير ۾ پڻ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ ۾ بدانتظامي، اقربا پروري ۽ سرپرستي واري نظام سان گڏ نوجوان نسل ۾ مايوسي ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته 18هين آئيني ترميم کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ ۽ وفاقي نظام کي مضبوط ڪرڻ بدران آئيني نظام کي مسلسل وفاق مخالف ترميمن ذريعي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب صوبائي خودمختياري ۽ جمهوري نمائندگي متاثر ٿي رهي آهي.سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته بنجر ۽ غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ سنڌ جي حصي جي پاڻيءَ جو رخ موڙڻ لاءِ نون ڪئنالن ۽ آبپاشي واهن جي منصوبن تي به ڪم ڪيو پيو وڃي، جيڪي آئيني ۽ قانوني اصولن جي ابتڙ آهن. ان سان گڏ معدنيات ۽ قدرتي وسيلن کي ترقي جي نالي ۾ قبضي هيٺ آڻڻ جون ڪوششون پڻ سنگين تضادن کي جنم ڏئي رهيون آهن. پڌرنامي ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو ته ايندڙ آئيني ترميمن ذريعي صوبن جا اهم اختيار مرڪز ڏانهن منتقل ڪرڻ، مالي وسيلن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي صوبائي اختيار گهٽائڻ ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آئيني دائري کي محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن نون صوبن جي قيام بابت چيو ته اهڙيون ڪوششون به سنڌ جي تاريخي، سياسي ۽ معاشي حقن کي ڪمزور ڪرڻ جي مقصد سان ڪيون پيون وڃن. جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻا آهن ته اهي صرف انهن صوبن ۾ ٺاهيا وڃن، جتي لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي پاڻ ان حوالي سان قرارداد منظور ڪري، جيئن آئين جي آرٽيڪل 239(4) ۾ ڄاڻايل آهي. پڌرنامي موجب سنڌ اسيمبلي ماضي ۾ پنج ڀيرا سنڌ جي علائقائي ۽ سياسي وحدت جي دفاع ۾ قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. پڌرنامي ۾ واضح ڪيو ويو ته سنڌ سندن تاريخي ۽ اڻ ورهايل وطن آهي، تنهن ڪري ڪنهن به نالي، جواز يا بهاني سان سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش کي رد ڪيو وڃي ٿو. اديبن، شاعرن ۽ دانشورن عزم ظاهر ڪيو ته سنڌ جي عوام سان گڏجي سنڌ جي وحدت ۽ سالميت جي تحفظ لاءِ هر ممڪن انفرادي ۽ اجتماعي جدوجهد جاري رکي ويندي. گڏجاڻي ۾ سنڌو درياهه تي غير مجاز ڪئنالن، پاڻيءَ جو رخ موڙيندڙ آبپاشي منصوبن ۽ بدنیتی تي ٻڌل ڊيمن جي اڏاوت کي پڻ رد ڪيو ويو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه سنڌ جي بقا جو بنيادي ذريعو آهي ۽ ان جو تحفظ سنڌ جي تاريخي، قومي، تهذيبي، ثقافتي، معاشي ۽ ماحولياتي وجود سان سڌيءَ طرح ڳنڍيل آهي. دانشورن چيو ته صوبن جي آئيني خودمختياري تي وار، مالي وسيلن، سمنڊ، زمينن، جبلن، ٻيلن، ڍنڍن ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي قبضي جون ڪوششون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ڏانهن ڌڪي سگهن ٿيون. پاڪستان جي وفاق سان سنڌ جو تعلق سنڌ جي علائقائي وحدت، صوبائي خودمختياري، تاريخي وجود ۽ سياسي حقن جي آئيني تحفظ سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي.