حيدرآباد ۾ شاگردن ۽ ساڃاهه وندن پاران ميرٽ جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي ريلي

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي سڏ تي سوين شاگردن، عورتن ، اديبن ليکڪن ۽ سياسي ڪارڪنن علامه شمس العلماءُ دائودپوٽو لائبريري کان ڪميشن جي آفيس سامھون لڳل احتجاجي ڪيمپ تائين ميرٽ جو علامتي جنازو کڻي ريلي ڪڍي.  ھو ريلي ۾ ھي نعريٰ ھڻي رھيا ھئا ته٫٫ اسين ميرٽ بچائڻ نڪتا آھيون، اچو اسان سان گڏ ھلو، اسان سنڌ بچائڻ نڪتا آھيون اچو اسان سان گڏ ھلو، جيئن ئي ريلي ڪڍي روڊ تي پھتا تہ عورتن  ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ ريلي ۾ شامل ٿي ويو ريلي ۾ کنيل علامتي جنازي کي شاگردن سان گڏ سياسي اڳواڻ سنڌياڻي نظير قريشي به اچي ڪلھو ڏنو. ھن احتجاجي مارچ جي اڳواڻي سنڌ  اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي ڪنوينر ذبيح الله مستوئي، وجاھت ھڱورجو، فخرالزمان کونھارو، سڪيلڌو چانڊيو ۽ ٻين ڪئي، جڏھن ته احتجاجي ريلي ۾  سورٺ سنڌو، پروفيسر يعقوب چانڊيو سميت ناميارن وڪيلن، سياسي، سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، ھنن اعلان ڪيو ته سندن مطالبا مڃڻ تائين ھي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ھو ادارو ذھانت ، عقل ۽ ڏاھپ مخالف ادارو بڻجي ويو آھي ھن اداري ۾ سنڌ جي شاگردن جي قابليت ۽ نوجوانن جي خوابن جو قتل ٿئي ٿو ، اسين آيل امتحاني نتيجن کي نه رڳو رد ڪيون ٿا پر اسين ھي جدوجھد سنڌ جي شاگردن جي مستقبل ۽ خوابن کي بچائڻ تائين جاري رکندا سين.  ٻئي طرف ڪالھ 28 ڏينھن به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻاھران احتجاجي ڪيمپ جاري رھي سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر ذبيح الله مستوئي،  فخرالزمان کونھارو ، سڪيلڌو چانڊيو،  ، وجاھت ھنگورجو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي، راجيش مينگھواڙ ريلي ۾ شامل سمورين سياسي ڌرين ۽ فردن جا ٿورا مڃيا آھن. نڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽيءَ جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف تحريڪ ۾ سنڌ حڪومت خلاف ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڌي رھيو آھي، ڪالھ ريلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مک قيادت خلاف نعريبازي ٻڌڻ ۾ آئي ، شاگردن الزام ھنيو ته پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن پويان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽيءَ جي مک قيادت ملوث آھي  سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي  پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيندڙ شاگرد اڳواڻ فخرالزمان کوھارو چيو ته ايس پي ايس سي ميرٽ جو قاتل ادارو آهي. وجاھت ھنگورجو چيو ته ھاڻ ھي  تحريڪ عوام جي عدالت ۾ وڃي چڪي آھي ھاڻ دمادم  مست قلندر ٿيندو . اڄ ھي ميرٽ جو رڳو علامتي جنازو ناھي اڄ اسان سنڌ ۾ پي پي پي جي 18 سالن جي ڪرپشن جو جنازو ڪڍيو آھي .ھي علامتي جنازو سنڌ حڪومت جو جنازو آهي جنھن اسان جي خوابن جو قتل ڪيو آھي .ھن چيو ته جتي ميرٽ جي لتاڙ ٿيندي آهي اتي روڊن تي ڪرپشن جا جنازه پڙھيا ويندا آهن. شاگرد اڳواڻن سان يڪجھتي ڪندي وڪيلن ، اديبن ۽ ليکڪن تجويز ڏني ته تحريڪ جي فيصلي ڪندڙ مرحلي ۾ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ سي ايم ھائوس سامھون ڌرڻو ھڻڻ گھرجي .

You might also like