اسلام آباد( اعزاز سيد )ملڪ جي سياسي منظرنامي ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي آهي، بلاول ڀٽو زرداريءَ جي اپوزيشن اڳواڻن سان ٿيل بند ڪمري واري ملاقات اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن، پارليامينٽ هائوس جي راهدارين ۾ سڀ کان وڏي خبر تحريڪ انصاف ۽ ٻين اپوزيشن جماعتن سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ملاقات هئي. اها ملاقات پيپلز پارٽي ۽ خاص طور تي بلاول ڀٽو جي پنهنجي خواھش تي گهرايل هئي، سال 2024ع جي عام چونڊن کان پوءِ هينئر تائين قائم ٿيل موجوده حڪومت دوران اها پهريون ڀيرو هئي جو بلاول ڀٽو باضابطه طور اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ وڃي ساڻن ملاقات ڪئي.بلاول ڀٽو گفتگوءَ جي شروعات ڪندي چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي ٻن اهم معاملن تي باهمي تعاون ۽ ويجھو رابطو رکڻ گھرجي اپوزيشن ليڊر اڳ ئي نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرريءَ بابت وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن خط لکي چڪو آهي. موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ميمبرن جو مدو اڳ ئي ختم ٿي چڪو آهي، پر نئين مقرري نه ٿيڻ جي ڪري اهي اڃا تائين ڪم ڪري رهيا آهن، انهن تي 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جا به سخت الزام هئا.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن سميت مختلف هنڌن تي سندن مئنڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي، جنهن جو الزام هو نون ليگ تي هڻي ٿو،. ان ڪري چونڊ سڌارن تي اپوزيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان جيل مان نڪري علاج لاءِ اسپتال منتقل ٿي رهيو آهي ته اها تمام وڏي ۽ سٺي ڳالهه آهي، اسان ان جي حمايت ڪريون ٿا. جيڪڏهن هو بيمار آهي ته اسان ان انساني معاملي تي ڪابه سياست نٿا ڪرڻ چاهيون. اسان سمجهون ٿا ته سندس صحيح علاج ٿيڻ گهرجي. ان ڳالهه جو ذڪر بلاول پوءِ ميڊيا سان پريس ڪانفرنس دوران به هلڪي انداز ۾ ڪيو.پي ٽي آءِ اڳواڻن (اسد قيصر، عامر ڊوگر، سلمان اڪرم راجا) ۽ علامه ناصر عباس بلاول جي آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ سان جيڪو ڪجھه ٿيو آهي اهو سياسي ڪلچر ناهي. جڏهن ته محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان آئين جي بالادستيءَ تي يقين رکون ٿا، جيڪو به هن ايوان ۽ آئين جي بالادستي برقرار رکندو، اسان ان جو ساٿ ڏينداسين.”ملاقات کان پوءِ باضابطه طور ڪائي باقاعده ڪميٽي جوڙي ناهي وئي، پر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل ۾ به اهڙيون ملاقاتون جاري رکيون وينديون ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ پاران عمران خان کي اڊيالا جيل مان اسلام شفاءُ انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ جي حڪم کان پوءِ نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي سخت دٻاءُ ۽ افراتفري جو شڪار آهن. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن کي خدشو آهي ته جنهن طريقي سان ماضيءَ ۾ نواز شريف جيل مان نڪتو هو، اها ئي تاريخ يا "اسڪرپٽ” عمران خان لاءِ ٻيهر ورجايو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ ٻنهي پارٽين جا سينئر اڳواڻ ٻيهر جيلن ۾ وڃي سگهن ٿا.پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۽ اپوزيشن واري جاءِ يا عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نون ليگ جي قانون سازيءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي ۽ ڪورم جي نشاندهي ڪري رهي آهي،ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد قيصر ۽ جنيد اڪبر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي آهي، اپوزيشن اڳواڻن اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته عمران خان جي اسپتال منتقلي جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري،ملاقات ۾ پارلياماني معاملن ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،اسپيڪر حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي به آڇ ڪئي،ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه ۽ اسد عمر به موجود هئا،