اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت کي ڪوبه خطرو ناهي، ڪائي اهڙي ڳالهه ناهي ته ڏار پئجي ويا آهن، نظام ناڪام ناهي ٿيو،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جيڪڏهن حڪومت جي حمايت تان پوئتي هٽي به وڃي ٿي، تڏهن به حڪومت وٽ سادي اڪثريت موجود آهي،پارليامينٽ ۾ ٻيون پارٽيون به موجود آهن،هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي جيڪو هاڻي نٿو ٿئي. پنجاب حڪومت بهترين ڪارڪردگي واري انداز سان اڳتي وڌي رهي آهي، معيشت بهتر ٿي رهي آهي، موٽرويز ٺهي رهيون آهن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا ڪم ٿي رهيا آهن، سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، نظام ڪٿي ناڪام ٿيو آهي،هن چيو ته انتظامي يونٽن جي قيام واري معاملي تي ايندڙ چونڊن جو انتظار نه ڪرڻو پوندو، اهو معاملو ايندڙ چونڊن کان اڳ ئي طئي ٿي ويندو. اهو هڪ تعميري بحث آهي جنهن جو ڪو نه ڪو نتيجو نڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن طاقت جو ڪجهه حصو انتظامي يونٽن يا ضلعن ڏانهن منتقل ٿئي ۽ نوان انتظامي يونٽ سامهون اچن ته ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ هن وقت عوام کي خدمتن جو نظام بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، سڄي پاڪستان ۾ ماڻهن کي شڪايتون آهن. اسان کي سياسي مصلحتن جي ڪري رڪاوٽ نه بنجڻ گھرجي.