مير رضا ڪيس جو انجام به مصطفيٰ عامر يا ناظم جوکيو جهڙو ٿيندو؟

ڪراچي( فهيم صديقي)ڇا مير رضا ڪيس جو حال به مصطفيٰ عامر قتل ڪيس يا ناظم جوکيو قتل ڪيس جهڙو ٿيندو؟ اهي ئي جاچ آفيسر جن ارمغان ڪيس ۽ ناظم جوکيو ڪيس ۾ خرابيون ڪيون، ڇا اهي هاڻي مير رضا ڪيس جي جاچ ڪندا؟ ڇا نئين جاچ ٽيم اهوا ثابت ڪري سگهندي ته مير رضا کي قتل ڪيو ويو هو، يا معاملي کي خودڪشي قرار ڏئي ڪيس بند ڪيو ويندو؟سوال اهو آهي ته مير رضا جي ايپل واچ مان ڇا مليو آهي؟ هن پنهنجو فيس بڪ اڪائونٽ ڪڏهن ڊليٽ ڪيو؟ مير رضا ڪيس سنڌ حڪومت جي هڪ ٻي وڏي نااهلي سامھون آڻي ڇڏي آهي،اهڙي نااهلي جيڪا ارمغان ڪيس وقت به سامھون آئي هئي. ڇا سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي يا ان تي هڪ ڀيرو ٻيهر پردو ٻڌو ويندو؟انصاف جي طرف پهريون قدم تڏهن کنيو ويندو آهي جڏهن ڪنهن ڏوهه کان پوءِ ثبوتن کي ضايع ٿيڻ بدران گڏ ڪيو وڃي، پر مير رضا ڪيس ۾ ته ائين نہ ٿي سگهيو. ڇا پوليس جي نئين جاچ ٽيم مقرر وقت ۾ ثبوت گڏ ڪري جاچ مڪمل ڪري سگهندي؟ ڇا عدالت کان وڌيڪ وقت ورتو ويندو؟ذريعن موجب مير رضا ڪيس جي جاچ انٽيليجنس ادارن به شروع ڪري ڇڏي آهي، ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ پوليس 8 فيبروري 2025ع تي ارمغان کي گرفتار ڪيو هو سندس خلاف درجنن ثبوت هئا، پر پوليس جاچ ۾ ايتريون خاميون ڇڏيون جو پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي پوليس کي خط لکي جاچ جا طريقا سمجهائڻا پيا. کين چيو ويو ته واقعي واري جڳهه جون تصويرون ٺاهيون وڃن، سي سي ٽي وي ۽ ڊي وي آر وڊيوز ڪيس جو حصو بڻايون وڃن، پراسيڪيوشن هي خط مصطفيٰ عامر ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر محمد عليءَ کي لکيو هو، اهو ئي انسپيڪٽر محمد علي جنهن کي هاڻي مير رضا ڪيس جي نئين جاچ ٽيم ۾  انويسٽيگيٽر طور شامل ڪيو ويو آهي! خبر ناهي هاڻي ڇا ٿيندو.ناظم جوکيو ڪيس ۾ به جاچ آفيسر انسپيڪٽر سراج لاشاري اپريل 2022ع ۾ تڪراري چالان پيش ڪيو، جنهن ۾ ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس کي جوابدارن جي لسٽ مان ڪڍي سندن نالو "ڪالم 2” ۾ نيري مس سان لکي ڇڏيو (يعني کين آجا ڪرڻ جي سفارش ڪئي). انسپيڪٽر سراج لاشاري (جيڪو بعد ۾ ڊي ايس پي ٿيو) کي انسپيڪٽر محمد عليءَ سان گڏ مير رضا ڪيس جي نئين جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي!هاڻي پوليس پاران مير رضا ڪيس کي خودڪشي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، مير رضا ڪيس ۾ نه ڪو خودڪشي نوٽ آهي نه وري موقعي تان پستول مليو آهي! صرف هڪ گوليءَ جو خول مليو آهي. اهو خول ڪهڙي پستول جو آهي، اهو پوليس نٿي ٻڌائي سگهي، ڇو جو فورنزڪ ڊپارٽمينٽ جو آبي بي آءِ ايس سسٽم،جيڪو خودڪار طريقي سان ميچنگ ڪندو آهي،اهو گذريل 3 سالن کان بند پيل آهي! هيءُ سسٽم آمريڪي سفارتخاني پاران تحفي ۾ ڏنو ويو هو، پر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت گذريل 3 سالن کان ان جي سافٽ ويئر جي سبسڪريپشن فيس ۽ اپگريڊيشن چارجز (ڊالرن ۾) ادا ناهن ڪري سگهيون. ان ئي سسٽم ذريعي امجد صابري قتل ڪيس، مولانا ضياءُ الدين ڪيس، خوادجه اظهار الحسن تي حملي ۽ رينجرز تي حملن جا 32 ڪيس حل ٿيا هئا. پر هيءُ جادو 3 سالن کان ڪراچي ۾ بند آهي.مير رضا ڪيس ۾ تمام وڏي محنت سان ثبوت ضايع ڪيا ويا آهن. جاچ ئي انصاف جو پهريون مرحلو آهي. جڏهن شروعاتي جاچ ئي ڪمزور هجي ته پوءِ عدالتن مان انصاف جي اميد ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟نئين جاچ ٽيم انهن خامين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. کين وقت ۽ متاثر خاندان جو اعتماد گهرجي. ان ئي سلسلي ۾ ٽيم جي اهم رڪن ايس ايس پي علي رضا چين ۾ هڪ غير ملڪي ڪورس تي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ۾ اربع،19آگسٽ 2026ع تي شايع ٿيو

You might also like