پاڪستان مان بي انتها پيار مليو، دل چوندي آ اُڏري پهچان: شبنم

پاڪستاني فلم انڊسٽري تي ڏهاڪن تائين راڄ ڪندڙ سدابهار اداڪارا شبنم چيو آهي ته کيس پاڪستان کان تمام گهڻو پيار مليو، جنهن جو هوءَ سدائين قدر ڪندي آهي.

اداڪارا شبنم گذريل ڏينهن پنهنجي 80هين سالگرهه ملهائي. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته کيس سالگرهه جون مبارڪون دنيا جي مختلف ملڪن مان مليون.

ڍاڪا مان ڳالهائيندي شبنم چيو ته مون کي پاڪستان کان بي انتها پيار مليو، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو پيار ملي سگهي ٿو جو مداحن پنهنجين ڌيئرن جا نالا به منهنجي نالي تي رکيا.“

شبنم چيو ته هن پنهنجي دور جي سمورن مقبول هيروز سان هيروئن طور ڪم ڪيو، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ فلمون اداڪار نديم سان گڏ ڪيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ ليجنڊري اداڪارا چيو ته کيس پاڪستان تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي ۽ سندس دل چوي ٿي ته ڄڻ هوا ۾ اڏامندي پاڪستان پهچي وڃي.

واضح رهي ته فلم اسٽار شبنم پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران 160 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ 152 اردو، 14 بنگالي ۽ 4 پنجابي فلمون شامل آهن.

شبنم ۽ نديم جي جوڙي کي سڀ کان وڌيڪ مقبوليت ملي ۽ ٻنهي جون سپر هٽ فلمون اڄ به مداحن جي دلين ۾ زنده آهن.

You might also like