راحت فتح علي خان، نصرت فتح علي خان جي مزار تي ڳائڻ سبب تنقيد جي وَر

عالمي شهرت يافته پاڪستاني گلوڪار راحت فتح علي خان، ليجنڊري قوال نصرت فتح علي خان جي ورسي جي موقعي تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪيو، پر ان عمل تي کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

نصرت فتح علي خان کي دنيا مان وڇڙئي ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن، پر سندس آواز ۽ فن اڄ به مداحن جي دلين ۾ جيئرا آهن.

سندس ورسي جي موقعي تي راحت فتح علي خان پنهنجي پٽ شاهه زمان علي خان سان گڏ نصرت فتح علي خان جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري.

ان موقعي تي ٻنهي مزار تي ڪلام ۽ قوالي پيش ڪئي، جڏهن ته قوالي دوران نذراني طور نوٽ به نڇاور ڪيا ويا. ان دوران وڏي انگ ۾ مداح ۽ ٻيا ماڻهو پڻ موجود هئا.

قوالي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان مختلف ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.

ڪجهه واهپيدارن قبر تي هن انداز سان قوالي پيش ڪرڻ کي سخت ناپسند ڪندي راحت فتح علي خان تي تنقيد ڪئي آهي.

واقعي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن ۽ راحت فتح علي خان جي ان عمل تي بحث جاري آهي.

You might also like