غزا ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهو مارڻ گهرجن: اتمار بن گوير

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير غزا بابت چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج کي غزا ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي.
هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ دوران ڳالهائيندي اتمار بن گوير چيو ته اسرائيلي فوج کي اها ڪارروائي رڳو اهڙن ماڻهن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، جيڪي فوري طور خطرو بڻجي سگهن ٿا، پر غزا ۾ ٻين ماڻهن کي به نشانو بڻائڻ گهرجي.
اسرائيلي وزير موجب، غزا ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي سندس نظر ۾ جيئري رهڻ جا حقدار ناهن.
بن گوير غزا ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائيون گهٽائڻ تي به تنقيد ڪئي ۽ وڌيڪ سخت ڪارروائين جي حمايت ڪئي آهي.
سندس بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن، جڏهن غزا بابت جنگبندي ۽ امن منصوبي تي سفارتي ڪوششون تيزيءَ سان جاري آهن.

You might also like