تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسداران انقلاب جي سياسي نائب يدالله جواني چيو آهي ته جنگ جو خاتمو اسلام آباد مفاهمتي يادداشت موجب ٿيڻ گهرجي ۽ آبناءِ هرمز ان وقت ئي کوليو ويندو، جڏهن آمريڪا ان يادداشت تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو ۾ يدالله جواني چيو ته آبناءِ هرمز ۽ ان تي لاڳو انتظام ڪڏهن به جنگ کان اڳ واري صورتحال ڏانهن واپس نه ويندا.
هن چيو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ سندن اتحادي ڪيترن ئي مهينن کان آبناءِ هرمز جو ڪنٽرول ايران کان کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن.
جواني وڌيڪ چيو ته ايران ۽ عمان وچ ۾ هڪ آبي لنگهه بابت هن وقت جيڪي ڳالهيون جاري رهي آهي، اهي رڳو جنگ جي خاتمي ۽ ان جي مڪمل طور ختم ٿيڻ کانپوءِ جي صورتحال لاءِ آهن.
آبناءِ هرمز تڏهن کولينداسين، جڏهن آمريڪا اسلام آباد معاهدي تي عمل ڪندو: پاسدارانِ انقلاب
You might also like