تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ايلچي جيرڊ ڪشنر اسرائيل پهچي ويو آهي، جتي سندس اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان ملاقات ٿيندي.
اها اڳڀرائي ڪشنر جي مصر ۾ حماس سان ٿيل غيرمعمولي ڳالهين کانپوءِ سامهون آئي آهي، جن ۾ آمريڪي حمايت يافته غزا امن منصوبي تي عملدرآمد بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
گذريل مهيني ٽرمپ جي بورڊ آف پيس چيو هو ته غزا ۾ حماس ۽ ٻين گروهن کي مڪمل طور بي هٿيار ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي.
گذريل هفتي اسرائيل ٽرمپ جي 15 نقاطي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ اسرائيلي فوج جي غزا مان نيڪالي ۽ نئين فلسطيني سول انتظاميا تحت غزا جي ٻيهر اڏاوت جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.
اسرائيلي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته هو معاهدي تي عملدرآمد کان اڳ حماس کي مڪمل طور بي هٿيار ڏسڻ چاهي ٿو.
نيتن ياهو چيو هو ته اسرائيل غزا بابت بورڊ آف پيس جي 15 نقاطي دستاويز کي رد ڪري ٿو ۽ اسرائيلي دفاعي فوج تيستائين غزا مان نه نڪرندي، جيستائين حماس حقيقت ۾ بي هٿيار نه ٿي وڃي.
آچر تي 8 مسلم ملڪن هڪ گڏيل بيان جاري ڪري اسرائيل طرفان امن منصوبي کي رد ڪرڻ جي مذمت ڪئي.
واضح رهي ته ٽرمپ بورڊ آف پيس جي اڳواڻي ڪري ٿو، جيڪو شروع ۾ غزا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ عالمي تنظيم طور قائم ڪيو ويو هو، پر پوءِ ان جو دائرو دنيا جي ٻين تڪرارن تائين وڌايو ويو.
هڪ فلسطيني عهديدار برطانوي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ٽرمپ جو ناٺي ۽ ايلچي جيرڊ ڪشنر آچر تي مصر ۾ حماس جي نئين اڳواڻ خليل الحيه جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ملاقات ڪئي.
بعد ۾ حماس هڪ بيان ۾ ٽياڪڙن ۽ بورڊ آف پيس تي زور ڏنو ته اهي اسرائيل کي ايندڙ مرحلن لاءِ طئي ٿيل روڊ ميپ جي منظوري ڏيڻ تي مجبور ڪن.
غزا امن منصوبي ۾ اهم اڳڀرائي، حماس سان ڳالهين کانپوءِ ٽرمپ جو ايلچي جيرڊ ڪشنر اسرائيل پهچي ويو
You might also like