پاڪستان، سعودي ۽ جي گڏيل دفاعي معاهدي تي ٽرمپ جو ردعمل اچي ويو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو ٽنهي ملڪن طرفان معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي خوش آهي.
ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو ان ڳالهه جو اظهار آهي ته وچ اوڀر متحد ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ هاڻي وڌيڪ اثرائتي نموني پنهنجو دفاع ڪرڻ جي قابل ٿيندا.
هن سعودي عرب، ترڪيه ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏيندي معاهدي کي هڪ وڏي، جرئتمنداڻي ۽ اهم وک قرار ڏنو.
واضح رهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه 7 آگسٽ 2026ع تي مڪي ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت هڪ ملڪ تي هٿياربند حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

You might also like