سيوريج لائين جي مرمت دوران مزدورن کي اربين رپين جو سون هٿ

عام طور تي جڏهن گندي پاڻي يا نالي جي لائين تبديل ڪئي ويندي آهي ته اندر گنڌ ۽ ڪچرو ئي ملڻ جي اميد هوندي آهي، پر بيلجيم ۾ نالي جي مرمت دوران مزدورن کي اربين رپين جي ماليت جو سون هٿ اچي ويو.

اهو حيرت انگيز واقعو بيلجيم جي علائقي سنٽ گلس-ڊينڊرمونڊ ۾ پيش آيو، جتي هڪ عمارت جي نئين سر تعمير دوران نالي جي لائين تبديل ڪئي پئي وئي.

مزدورن نوان پائپ لڳائڻ لاءِ بنياد کوٽيو ته کين ڪجهه چمڪندڙ نظر آيو. پهرين کين لڳو ته شايد هڪ يورو جا سڪا آهن، پر ويجهو وڃي ڏسڻ تي خبر پئي ته اهو سون هو.

مزدورن جي نگران ماريئو موجب، هن سون کي هٿن ۾ کڻي ڏٺو ۽ وڌيڪ کوٽائي ڪئي ته کيس وڌيڪ سڪا ۽ سون جون ڊليون مليون. هن چيو ته 33 سالن جي تعميراتي تجربي دوران اهڙو واقعو پهريون ڀيرو پيش آيو آهي.

هڪ 18 ورهين جي شاگرد مزدور ٻڌايو ته شروعات ۾ کين يقين ئي نه پئي آيو ته واقعي سون مليو آهي.

جاچ کانپوءِ معلوم ٿيو ته هٿ آيل خزاني جي ماليت هڪ ڪروڙ 40 لک ڊالر، يعني اڍائي ارب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ آهي.

خزانو مزدورن کي نه ملي سگهيو ۽ کين اهو پوليس حوالي ڪرڻو پيو. هن وقت خزانو هڪ فلاحي اداري وٽ رکيل آهي.

حڪام موجب اڃا تائين اهو واضح ناهي ته سون جو اصل مالڪ ڪير هو، البت ماضي ۾ اها عمارت هڪ امير خاندان جي ملڪيت رهي آهي.

بيلجيم جي قانون موجب اصل مالڪ پنجن سالن اندر خزاني جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ خزانو ان جي ڳوليندڙ ۽ ملڪيت جي مالڪ وچ ۾ ورهايو ويندو.

You might also like