ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايم ڪيو ايم پاڪستان ملڪ ۾ نون صوبن کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي نون انتظامي يونٽن بابت قومي ڳالهين شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو ته موجوده صوبن جي جوڙجڪ انتظامي ضرورتن بدران لساني بنيادن تي ڪئي وئي، جڏهن ته آبادي ۾ لڳاتار واڌ باوجود نوان صوبا نه ٺاهيا ويا.
هن چيو ته جتي به نون صوبن جي ضرورت آهي، اتي اهي ٺاهڻ گهرجن، جڏهن ته سنڌ ۾ ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته عوام جي جائز حقن کي عوام تائين پهچائڻ غداري ناهي، ان معاملي تي مختلف سياسي جماعتن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آئين ۾ نون صوبن بابت ترميم پيش ڪري چڪي آهي، جيڪا هن وقت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ موجود آهي. هن سڀني سياسي پارٽين کي اختلاف وساري قومي ڳالهين جي شروعات ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
ٻئي پاسي وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ سان عوام کي پنهنجي حڪمران چونڊڻ ۽ تبديل ڪرڻ جو اختيار ملندو. هن چيو ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ سنڌين خلاف نه، پر سندن حق ۾ آهي.
مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي ته سنڌ کي گذريل 18 سالن دوران 22 هزار ارب رپيا مليا، پر ان باوجود صوبي جا ڪيترائي علائقا بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.